سلطان العاشقين حضرت خواجه عبدالخالق اويسي
****************************
حضرت خواجه عبدالخالق اويسي 1097ھ بمطابق 1688ع ۾ محب علي ڳوٺ ۾پيدا ٿيا جيڪو پاڪ پتڻ کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي.پاڻ کرل قوم جا فرد ھئا.سندس والد صاحب جو نالو حافظ محمد طاھر ھو.سندس سمورو گھراڻو قرآن پاڪ جو حافظ ھو.پاڻ قرآن پاڪ حفظ ڪري وڌيڪ ديني تعليم لاءِ مغل پوره لاھور ۾ حضرت وڏي ميان رحه جي درسگاه ۾ داخل ٿيا. جتان ديني تعليم پوري ڪري ھندستان جي رامپور ۽ دھلي مان وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪري پنھنجي وطن واپس موٽيا.ان کان پوءِ پنھنجي ڳوٺ ۾ درس وتدريس جو سلسلو شروع ڪيائون. ھڪ ڏينهن کين ذھن ۾ خيال آيو ته مرشد ڪامل جي ڳولا ڪجي.آخر حضرت حافظ دائم کي وٺي پنھنجي ھمعصر حضرت بابا بلھي شاه وٽ ويا. جيڪو پڻ ڪامل مرشد جي تلاش ۾ھو.آخرڪار ٽيئي بزرگ ملتان ويا جتي حضرت شيخ عبدالحڪيم قادري وٽ پھچي پنھنجي دلي ڪيفيت کان آگاه ڪيائون .شيخ عبدالحڪيم قادري کين وراڻيو ته رات مون وٽ ترسو ،رات جو مراقبو ڪري صبح جو اوھان کي حقيقت حال کان آگاه ڪندس.
جڏھن صبح ٿي ته شيخ عبدالحڪيم قادري حافظ دائم رحه کي پنھنجو مريد ڪيو۽ بابا بلھي شاه رحه کي فرمايائون ته توھان شاه عنايت قادري وٽ وڃو توھان جي امانت اتي آھي. ۽ حضرت عبدالخالق اويسي کي فرمايائون ته توھان واپس گھر وڃو ۽درود ۽ مستغاث جو ورد ڪندا رھجو توھان جو مرشد خود بخود ظاھر ٿيندو.
ان کانپوءِ حضرت عبدالخالق اويسي گھر واپس آيا.ظھر جي نماز کانپوءِدرود ۽مستغاث جو ورد ڪندا ھئا .ھڪ ڏينھن جيئن ئي ورد شروع ڪيائون ته ڇا ڏسن ته اتر طرف کان جھنگ ۾ شور بلند ٿيو آھي جيئن ڪو لشڪر اچي رھيو ھجي پاڻ اھو منظر ڏسي پريشان ۽ ھيبت زده ٿيا چند لمحن کانپو سندس ڪنن ۾ ڪنھن جي اچڻ جو آواز معلوم ٿين سر مٿي ڪري ڏٺائون ته ھڪ سفيد نوراني چھرو جيڪو چوڏھين جي چنڊ جيان چمڪي رھيو ھو قريب ئي ويجھو نظر آين انھي نوراني بزرگ کي ڏسي پاڻ تي عالم بيخودي طاري ٿي ويوپر جيئن سندس حواس بحال ٿيا ته اھو بزرگ غائب ھو انھي بزرگ جي اچڻ سان سندس جسم جي ڪثافت دور ٿي ويئي۽ قلب تي ھڪ عجيب سرور جي ڪيفيت طاري ٿي.
وري ٻئي ڏينھن ظھر نمااز کانپو ساڳيو ورد جاري رکيائون ساڳيو پھرين ڏينھن وارو منظر ڏسڻ ۾آيو ۽ اھو ئي بزرگ ڏسڻ ۾آيو ڏسندي ڏسندي وري اکين کان اوجھل ٿي ويو.ٻئي ڏينھن به پاڻ حيران و پريشان اھو منظر ڏسندا رھيا.ان بزرگ سان ڳالھائڻ جي حسرت دل ۾ رھجي وين پر کيس يقين ٿي چڪو ھو ته حضرت شيخ عبدالحڪيم قادري جيڪو ڪجھ چيو ھو انھي فرمان جو نتيجو ظھور پزير ٿي رھيو آھي.
ٽئين ڏينھن جڏھن ظھر نماز کانپو درود ۽ مستغاث جو ورد ڪيائون ته اھو نوراني بزرگ ظاھر ٿيو ته پاڻ ڪيف و مستي جي عالم ۾ ان جو دامن پڪڙيائون ۽ سندن اسم مبارڪ پڇيوته ان بزرگ جواب ڏنو ته منھنجو نالو اويس بن عامر رضي الله عنه آھي آئون توکي حق تعاليٰ سان ملائڻ لاءِ مامور ٿيو آھيان ان کان پوءِ ان بزرگ حضرت خواجه عبدالخالق جو ھٿ پڪڙي کيس ذڪر ۽ فڪر جي تلقين ڪئي .۽غائب ٿي ويو. اھڙي طرح حضرت خواجه عبدالخالق رح کي حضرت اويس قرني کان روحاني بيعت حاصل ٿي.
انھي ڏينھن پاڻ گھر واپس نه آيا.۽ گهر وارن جڏھن ڳولا ڪئي ته پاڻ کي ان جڳھ تي ڏٺائون جتي پاڻ عبادت ڪندا ھئا.اُتي کيس بيھوش پيل ڏٺائون سندس صاحب زاده کيس گھر کڻي آيا ۽ھوش ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪيائون.مگر کيس ھوش نه آيو ٽي ڏينھن ٽي راتيون انھي بي ھوشي واري حالت ۾ رھيا .اتفاق سان پاڙيسرين جي گھر ۾ شادي ھئي شادي ۾ جڏھن ڪنھن ڳائڻي ڳايو ته ان ڳائڻ واري آواز سان سندس جسم ۾ جنبش ٿيڻ لڳي. جڏھن سندس صاحبزادن اھا حالت ڏٺي ته ته پاڙيسرين وٽ ويا ۽ ڳائڻي کي سڏي آيا ڳائڻي جڏھن ڪلام ڳايو ته سندس بيھوشي واري ڪيفيت ختم ٿي ويئي۽ پاڻ اٿي ڪري رقص ڪرڻ لڳا رقص ڪندي ڪندي جڏھن جوش فرد ٿيو ته پاڻ چند گره کاڌو واپرايائون وضو لاءِ پاڻي طلب ڪيائون.
حاضرين کائنس ڇڏھن بي ھوشي جو سبب پڇيو ته ته پاڻ فرمايائون ته توھان سڀ مونکي مبارڪون ڏيو ڇوت حضرت شيخ عبدالحڪيم قادري جي فرمان مبارڪ جو نتيجو ظھور پزير ٿيو آھي ۽ مون پنھنجي محبوب ۽ مطلوب کي ڳولي ورتو آھي.
عين انھي وقت بانگي بانگ ڏني ته اذان جو آواز جيئن ئي سندس ڪنن تي پيو ته پاڻ وري بي ھوش ٿي ويا اھا حالت ڏسي سڀ حاضرين وري پريشان ٿي ويا ۽ ڳائڻي کي وري گھرايو ويو ڳائڻي ڳايو ته وري سندس طبيعت بحال ٿي انھي لاءِ سندس صاحبزادن ضروري سمجھيو ته قوال کي ھميشه لاءِ پاڻ وٽ رھائي ڇڏين ته جيئن حضرت صاحب جي طبيعت بحال رھي سندس صاحبزادن سرود نواز کي چيو ته توھان ھميشه جي لاءَ اسان وٽ رھو توھان جي طعام و قيام ۽ تنھنجي اھل وعيال جي ڪفالت جي ذميداري اسان جي آھي. مگر قوال اھو چئي ڪري انڪار ڪري ڇڏيو ته آئون پنھنجن عزيز قريب ۽ موروثي راڄ کي ڇڏي ھڪ فقير جي در تي نٿو رھي سگھان اھو منھنجي لاءِ ناممڪن آھي. مگر جيئن پنھنجي ڳوٺ روانو ٿيو ته رستي ۾ ڇا ڏسي ته ھڪ نانگ ويٺو آھي جيڪو سندس منتظر آھي . بار بار رستو تبديل ڪيائين مگر نانگ کي پنھنجي اڳيان بيٺل پاتائين.آخر واپس موٽي حضرت خواجه عبدالخالق اويسي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ معافي جو طلبگار ٿيو حضرت صاحب قوال جو ھٿ پڪڙي فرمايو ته فقير مرندي دم تائين تنھنجو ساٿ نه ڇڏيندو .مون کانپوءِ منھنجي اولاد تنھنجي اولاد جو ساٿ نه ڇڏيندي.
ان کانپو اھو قوال ھروقت حضرت صاحب جي خدمت ۾ رھندو ھو بوقت ضرورت خوش الحاني خواجه صاحب کي خوش ڪندو رھندو ھو ان قوال جي اولاد اڄ به حضرت خواجه جي درگاه تي موجود آھي
لاھور جي عالمن جي فتويٰ:
جڏھن سندن ذوق سماع ۽ وجد وحال جي شھرت عام ٿي ته لاھور جي عالمن جنھن ۾ سندس استاد ۽اھي ساٿي جيڪي سندس ھم درس رھي چڪا ھئا تمام گھڻو حيران ٿيا ته پاڻ ايڏا وڏا صاحب علم وفضل ٿي ڪري اھڙيون غير شرعي حرڪتون ڪري رھيا آھن ته انھن اھو فيصلو ڪيو ته کيس سماع جي بدعت کان روڪجي. ان مقصد لاءَ لاھور جي عالمن سندس ڳوٺ اچڻ جو فيصلو ڪيو .جڏھن حضرت صاحب کي عالمن جي اچڻ جي خبر پئي ته پاڻ پنھنجن صاحبزادن کي چيائون ته مونکي لاھور وٺي ھلو ۽ عالمن سڳورن جي وفد کي چئو ته ھيڏانھن نه اچن آئون خود لاھور ھلي ڪري انھن جي اعتراض جو جواب پيش ڪندس. کيس استغراق و محويت جي حالت ۾ لاھور پھچايو ويو. جڏھن لاھور جي علماء سندن اھا حالت ڏٺي ته کيس امتحان جي غرض سان کيس ھڪ حجري اندر بند ڪري ڇڏيو. کاڌو ۽ پاڻي جو ڪوزو حجري اندر رکي ڇڏيائون .ٽن کان پوءَ جڏھن حجري جو تالو کوليائون ته حضرت صاحب کي انھي ئي عالم استغراق واري حالت ۾ ڏٺائون .کاڌو ۽ پاڻي انھي ئي حالت ۾ پيل ھو. ائين معلوم ٿيندو ھو ته جيئن سندس روح قفس عنصري کان پرواز ڪري ويو ھجي اھا حالت ڏسي ڪجھ ماڻھن کي سندن ڪفن دفن جي فڪر ٿي.انکاپوءِ حضرت خواجه صاحب جي صاحبزادن عالمن کي گذارش ڪئي ته سماع جي اجازت ڏني وڃي عالمن سڳورن با حالت مجبوري سماع جي اجازت ڏني .جڏھن سماع شروع ٿيو ته سندس جسم ۾ حرڪت ٿيڻ شروع ٿي بي جان بدن ۾ جان اچي ويئي. ٿوري دير کانپوءِ پاڻ پنھنجي اصلي حالت ۾ ھوش ۾ اچي ويا وضو لاءَ پاڻي گھريائون ۽ خشوع خضوع سان نماز ادا ڪيائون.
سندن اھا ڪيفيت ڏسي لاھور جي عالمن سڳورن اھا فتويٰ ڏني ته بغير نماز ولايت جي ناقص آھي بغير سماع نماز ناممڪن آھي.اھڙي طرح سلطان العاشقين لاھور جي علما ءَ کان اباحت سماع جي فتويٰ وٺي پنھنجي وطن واپس آيا.
خلفاءَ: سندس مريدن ۽ طالبن جو تعداد تمام گھڻو ھو مگر سندس ٽي مشھور خليفا ٿي گذريا آھن .
1: حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني رحه سندس پھريون خليفو حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني رح سندس سڳي چاچي حافظ محمد عارف صاحب رح جو فرزند ھو حضرت خواجه عبدالخالق رح جن فرمايو ھو ته مون ٽي چانور تقسيم ڪيا جنھن مان هڪ چانور حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني کي ڏنم جنهن ھڪ چانور مان پوري ديڳ تيار ڪئي.
حضرت محڪم الدين سيلاني بابت پاڻ فرمايائون ته منھنجي اولاد ڀاءُ محڪم الدين رح جي اولاد جي اولاد وانگر سڃاتي ويندي.
2:سيد محمد عارف بريلوي :هي درويش جواني ۾ عيش وعشرت جي زندگي گذاريندو ھو .جڏھن سندس دل دنيا تان کڄي ويو ته بريلي مان اچي حضرت صاحب جو طالب ٿيو .مرشد پاڪ جي خدمت رھي سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين .آخر مرشد پاڪ طرفان کيس خرقه خلافت سان نوازيو ويو. ٻيو چانور حضرت صاحب سيد محمد عارف بريلوي رح کي ڏنو جنھن ان چانور کي محفوظ رکيو
3:ميان محرم ماڇي: حضرت خواجه صاحب جي روحاني فيض جي شھرت ٻڌي ڪري حضرت صاحب جي خدمت ۾ آيو ۽طالب ٿيو. ايتري ته رياضت ڪيائون جو جو فنا في الشيخ جو درجو حاصل ڪيائون سندس صورت مرشد جي صورت ۾ تبديل ٿي ويئي. مگر ان کانپوءَ سندس طبيعت ۾ غرور ۽ تڪبر پيدا ٿيو . پاڻ ڪجھ ڪريل حرڪتون ڪرڻ لڳا . آخرڪار ھڪ ڏينھن حضرت خواجه صاحب خادمن کي فرمايو ته ميان محرم کي وٺي اچو ،خادم جڏھن ميان محرم وٽ ويا ۽ حضرت صاحب جو پيغام ڏنو ته ميان محرم چيو مونکي حضرت صاحب جي ضرورت ناھي حضرت صاحب وٽ اچڻ کان انڪار ڪيائين .جڏھن حضرت کي ٻڌايو ويو ته ميان محرم اوھان وٽ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. ته اتي حضرت صاحب کي ڪاوڙ آئي .۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ حضرت صاحب خود سندس ڪمري ۾ ويا .گستاخ جيئن ئي حضرت صاحب کي ايندي ڏٺو ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو . حضرت صاحب دروازو کولي جيئن ئي اندر داخل ٿيا ته ميان محرم پرواز ڪري ڪمري مان اڏامي ويا حضرت صاحب شھباز وانگر پويان اڏامي کيس معرفت جي نور کان نھي ڪري ڇڏيو. ان کانپوءَ ميان محرم زمين تي اچي ڪريو سندس چھرو خوفناڪ صورت ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ڪتي وانگر ڀونڪڻ لڳو.
ميان محرم جي مزار ليه ۾ آنار واله جي مقام تي آھي جيڪا ماڻھن لاءِ باعث عبرت آھي
ٽيون چانور حضرت خواجه صاحب ميان محرم کي ڏنو جنھن اھو بدقسمتي سان ضايع ڪري ڇڏيو.
حضرت خواجه عبدالخالق اويسي رح کي ٽي فرزند ھئا.
حضرت صالح محمد رحه
حضرت ولي محمد رح
حضرت قطب الدين رحه
سندس ننڍو صاحبزادو پيدائشي ولي ھو جنھن جي مزار بريلي ھندستان ۾ آھي
وفات:حضرت خواجه عبدالخالق اويسي رح 26 ذوالحج 1187ھجري مطابق 1774ع ۾ وصال ڪيو
وصال کان اڳ پاڻ سموري امانت پنھنجي وڏي فرزند حضرت خواجه صالح محمد رح جي سيني ۾ منتقل ڪئي.
سندس مزار مبارڪ ضلع بھاولنگر۾ حاصلپور چشتيان جي وچ ۾ ريلوي اسٽيشن بخشن خان جي اتر طرف چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مرجع خلائق آھي.
ڪتاب صاحب السير(اردو) تان ورتل