Tuesday, 21 March 2023

سلطان العاشقین حضرت خواجہ عبدالخالق اویسی

سلطان العاشقين حضرت خواجه عبدالخالق اويسي 
****************************
حضرت خواجه عبدالخالق اويسي 1097ھ بمطابق 1688ع ۾ محب علي ڳوٺ ۾پيدا ٿيا جيڪو پاڪ پتڻ کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي.پاڻ کرل قوم جا فرد ھئا.سندس والد صاحب جو نالو حافظ محمد طاھر ھو.سندس سمورو گھراڻو قرآن پاڪ جو حافظ ھو.پاڻ قرآن پاڪ حفظ ڪري وڌيڪ ديني تعليم لاءِ مغل پوره لاھور ۾ حضرت وڏي ميان رحه جي درسگاه ۾ داخل ٿيا. جتان ديني تعليم پوري ڪري ھندستان جي رامپور ۽ دھلي مان وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪري پنھنجي وطن واپس موٽيا.ان کان پوءِ پنھنجي ڳوٺ ۾ درس وتدريس جو سلسلو شروع ڪيائون. ھڪ ڏينهن کين ذھن ۾ خيال آيو ته مرشد ڪامل جي ڳولا ڪجي.آخر حضرت حافظ دائم کي وٺي پنھنجي ھمعصر حضرت بابا بلھي شاه وٽ ويا. جيڪو پڻ ڪامل مرشد جي تلاش ۾ھو.آخرڪار ٽيئي بزرگ ملتان ويا جتي حضرت شيخ عبدالحڪيم قادري وٽ پھچي پنھنجي دلي ڪيفيت کان آگاه ڪيائون .شيخ عبدالحڪيم قادري کين وراڻيو ته رات مون وٽ ترسو ،رات جو مراقبو ڪري صبح جو اوھان کي حقيقت حال کان آگاه ڪندس.
جڏھن صبح ٿي ته شيخ عبدالحڪيم قادري حافظ دائم رحه کي پنھنجو مريد ڪيو۽ بابا بلھي شاه رحه کي فرمايائون ته توھان شاه عنايت قادري وٽ وڃو توھان جي امانت اتي آھي. ۽ حضرت عبدالخالق اويسي کي فرمايائون ته توھان واپس گھر وڃو ۽درود ۽ مستغاث جو ورد ڪندا رھجو توھان جو مرشد خود بخود ظاھر ٿيندو. 
ان کانپوءِ حضرت عبدالخالق اويسي گھر واپس آيا.ظھر جي نماز کانپوءِدرود ۽مستغاث جو ورد ڪندا ھئا .ھڪ ڏينھن جيئن ئي ورد شروع ڪيائون ته ڇا ڏسن ته  اتر طرف کان جھنگ ۾ شور بلند ٿيو آھي جيئن ڪو لشڪر اچي رھيو ھجي پاڻ اھو منظر ڏسي پريشان ۽ ھيبت زده ٿيا چند لمحن کانپو سندس ڪنن ۾ ڪنھن جي اچڻ جو آواز معلوم ٿين سر مٿي ڪري ڏٺائون ته ھڪ سفيد نوراني چھرو جيڪو چوڏھين جي چنڊ جيان چمڪي رھيو ھو قريب ئي ويجھو نظر آين انھي نوراني بزرگ کي ڏسي پاڻ تي عالم بيخودي طاري ٿي ويوپر جيئن سندس حواس  بحال ٿيا ته اھو بزرگ غائب ھو انھي بزرگ جي اچڻ سان سندس جسم جي ڪثافت دور ٿي ويئي۽ قلب تي ھڪ عجيب سرور جي ڪيفيت طاري ٿي.
وري ٻئي ڏينھن ظھر نمااز کانپو ساڳيو ورد جاري رکيائون ساڳيو پھرين ڏينھن وارو منظر ڏسڻ ۾آيو ۽ اھو ئي بزرگ ڏسڻ ۾آيو ڏسندي ڏسندي وري اکين کان اوجھل ٿي ويو.ٻئي ڏينھن به پاڻ حيران و پريشان اھو منظر ڏسندا رھيا.ان بزرگ سان ڳالھائڻ جي حسرت دل ۾ رھجي وين پر کيس يقين ٿي چڪو ھو ته حضرت شيخ عبدالحڪيم قادري جيڪو ڪجھ چيو ھو انھي فرمان جو نتيجو ظھور پزير ٿي رھيو آھي.
ٽئين ڏينھن جڏھن ظھر نماز کانپو درود ۽ مستغاث جو ورد ڪيائون ته اھو نوراني بزرگ ظاھر ٿيو ته پاڻ ڪيف و مستي جي عالم ۾ ان جو دامن پڪڙيائون ۽ سندن اسم مبارڪ پڇيوته ان بزرگ جواب ڏنو ته منھنجو نالو اويس بن عامر رضي الله عنه آھي آئون توکي حق تعاليٰ  سان ملائڻ لاءِ مامور ٿيو آھيان ان کان پوءِ ان بزرگ حضرت خواجه عبدالخالق  جو ھٿ پڪڙي کيس ذڪر ۽ فڪر جي تلقين ڪئي .۽غائب ٿي ويو. اھڙي طرح حضرت خواجه عبدالخالق رح کي حضرت اويس قرني کان روحاني بيعت حاصل ٿي.
انھي ڏينھن پاڻ گھر واپس نه آيا.۽ گهر وارن جڏھن ڳولا ڪئي ته پاڻ کي ان جڳھ تي ڏٺائون جتي پاڻ عبادت ڪندا ھئا.اُتي کيس بيھوش پيل ڏٺائون سندس صاحب زاده کيس گھر کڻي آيا ۽ھوش ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪيائون.مگر کيس ھوش نه آيو ٽي ڏينھن ٽي راتيون انھي بي ھوشي واري حالت ۾ رھيا .اتفاق سان پاڙيسرين جي گھر ۾ شادي ھئي شادي ۾ جڏھن ڪنھن ڳائڻي ڳايو ته ان ڳائڻ واري آواز سان سندس جسم ۾ جنبش ٿيڻ لڳي. جڏھن سندس صاحبزادن اھا حالت ڏٺي ته ته پاڙيسرين وٽ ويا ۽ ڳائڻي کي سڏي آيا ڳائڻي جڏھن ڪلام ڳايو ته سندس بيھوشي واري ڪيفيت ختم ٿي ويئي۽ پاڻ اٿي ڪري رقص ڪرڻ لڳا رقص ڪندي ڪندي جڏھن جوش فرد ٿيو ته پاڻ چند گره کاڌو واپرايائون وضو لاءِ پاڻي طلب ڪيائون. 
حاضرين کائنس ڇڏھن بي ھوشي جو سبب پڇيو ته ته پاڻ فرمايائون ته توھان سڀ مونکي مبارڪون ڏيو ڇوت حضرت شيخ عبدالحڪيم قادري جي فرمان مبارڪ جو نتيجو ظھور پزير ٿيو آھي ۽ مون پنھنجي محبوب ۽ مطلوب کي ڳولي ورتو آھي.
عين انھي وقت بانگي بانگ ڏني ته اذان جو آواز جيئن ئي سندس ڪنن تي پيو ته پاڻ وري بي ھوش ٿي ويا اھا حالت ڏسي سڀ حاضرين وري پريشان ٿي ويا ۽ ڳائڻي کي وري گھرايو ويو ڳائڻي ڳايو ته وري سندس طبيعت بحال ٿي انھي لاءِ سندس صاحبزادن ضروري سمجھيو ته قوال کي ھميشه لاءِ پاڻ وٽ رھائي ڇڏين ته جيئن حضرت صاحب جي طبيعت بحال رھي سندس صاحبزادن سرود نواز کي چيو ته توھان ھميشه جي لاءَ اسان وٽ رھو توھان جي طعام و قيام ۽ تنھنجي اھل وعيال جي ڪفالت جي ذميداري اسان جي آھي. مگر قوال اھو چئي ڪري انڪار ڪري ڇڏيو ته آئون پنھنجن عزيز قريب  ۽ موروثي راڄ کي ڇڏي ھڪ فقير جي در تي نٿو رھي سگھان اھو منھنجي لاءِ ناممڪن آھي. مگر جيئن پنھنجي ڳوٺ روانو ٿيو ته رستي ۾ ڇا ڏسي ته ھڪ نانگ ويٺو آھي جيڪو سندس منتظر آھي . بار بار رستو تبديل ڪيائين مگر نانگ کي پنھنجي اڳيان بيٺل پاتائين.آخر واپس موٽي حضرت خواجه عبدالخالق اويسي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ معافي جو طلبگار ٿيو حضرت صاحب قوال جو ھٿ پڪڙي فرمايو ته فقير مرندي دم تائين تنھنجو ساٿ نه ڇڏيندو .مون کانپوءِ منھنجي اولاد تنھنجي اولاد جو ساٿ نه ڇڏيندي.
ان کانپو اھو قوال ھروقت حضرت صاحب جي خدمت ۾ رھندو ھو بوقت ضرورت خوش الحاني خواجه صاحب کي خوش ڪندو رھندو ھو ان قوال جي اولاد اڄ به حضرت خواجه جي درگاه تي موجود آھي
لاھور جي عالمن جي فتويٰ:
جڏھن سندن ذوق سماع  ۽ وجد وحال جي شھرت عام ٿي ته لاھور جي عالمن جنھن ۾ سندس استاد  ۽اھي ساٿي جيڪي سندس ھم درس رھي چڪا ھئا تمام گھڻو حيران ٿيا ته پاڻ ايڏا وڏا صاحب علم وفضل ٿي ڪري اھڙيون غير شرعي حرڪتون ڪري رھيا آھن  ته انھن اھو فيصلو ڪيو ته کيس سماع جي بدعت کان روڪجي. ان مقصد لاءَ لاھور جي عالمن سندس ڳوٺ اچڻ جو فيصلو ڪيو .جڏھن حضرت صاحب کي عالمن جي اچڻ جي خبر پئي ته پاڻ پنھنجن صاحبزادن کي چيائون ته مونکي لاھور وٺي ھلو ۽ عالمن سڳورن جي وفد کي چئو ته ھيڏانھن نه اچن آئون خود لاھور ھلي ڪري انھن جي اعتراض جو جواب پيش ڪندس. کيس استغراق و محويت جي حالت ۾ لاھور پھچايو ويو. جڏھن لاھور جي علماء سندن اھا حالت ڏٺي ته کيس امتحان جي غرض سان کيس ھڪ حجري اندر بند ڪري ڇڏيو. کاڌو ۽ پاڻي جو ڪوزو حجري اندر رکي ڇڏيائون .ٽن کان پوءَ جڏھن حجري جو تالو کوليائون ته حضرت صاحب کي انھي  ئي عالم استغراق واري حالت ۾ ڏٺائون .کاڌو ۽ پاڻي انھي ئي حالت ۾ پيل ھو. ائين معلوم ٿيندو ھو ته جيئن سندس روح قفس عنصري کان پرواز ڪري ويو ھجي اھا حالت ڏسي ڪجھ ماڻھن کي سندن ڪفن دفن جي فڪر ٿي.انکاپوءِ حضرت خواجه صاحب جي صاحبزادن عالمن کي گذارش ڪئي ته سماع جي اجازت ڏني وڃي عالمن سڳورن با حالت مجبوري سماع جي اجازت ڏني .جڏھن سماع شروع ٿيو ته سندس جسم ۾ حرڪت ٿيڻ شروع ٿي بي جان بدن ۾ جان اچي ويئي. ٿوري دير کانپوءِ پاڻ پنھنجي اصلي حالت ۾  ھوش ۾ اچي ويا وضو لاءَ پاڻي گھريائون ۽ خشوع خضوع سان نماز ادا ڪيائون. 
سندن اھا ڪيفيت ڏسي لاھور جي عالمن سڳورن اھا فتويٰ ڏني ته بغير نماز ولايت جي ناقص آھي بغير سماع نماز ناممڪن آھي.اھڙي طرح سلطان العاشقين لاھور جي علما ءَ کان اباحت سماع جي فتويٰ وٺي پنھنجي وطن واپس آيا.
خلفاءَ: سندس مريدن ۽ طالبن جو تعداد تمام گھڻو ھو مگر سندس ٽي مشھور خليفا ٿي گذريا آھن .
1: حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني رحه سندس پھريون خليفو حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني رح سندس سڳي چاچي حافظ محمد عارف صاحب رح جو فرزند  ھو حضرت خواجه عبدالخالق رح جن فرمايو ھو ته مون ٽي چانور تقسيم ڪيا جنھن مان هڪ چانور حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني کي ڏنم جنهن ھڪ چانور مان پوري ديڳ تيار ڪئي.
حضرت محڪم الدين سيلاني بابت پاڻ فرمايائون ته منھنجي اولاد ڀاءُ محڪم الدين رح جي اولاد جي اولاد وانگر سڃاتي ويندي.
2:سيد محمد عارف بريلوي  :هي درويش جواني ۾ عيش وعشرت جي زندگي گذاريندو ھو .جڏھن سندس دل دنيا تان کڄي ويو ته بريلي مان اچي حضرت صاحب جو طالب ٿيو .مرشد پاڪ جي خدمت رھي سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين .آخر مرشد پاڪ طرفان کيس خرقه خلافت سان نوازيو ويو. ٻيو چانور حضرت صاحب سيد محمد عارف بريلوي رح کي ڏنو  جنھن ان چانور کي محفوظ رکيو
 
3:ميان محرم ماڇي: حضرت خواجه صاحب جي روحاني فيض جي شھرت ٻڌي ڪري حضرت صاحب جي خدمت ۾ آيو ۽طالب ٿيو. ايتري ته رياضت ڪيائون جو جو فنا في الشيخ جو درجو حاصل ڪيائون سندس صورت مرشد جي صورت ۾ تبديل ٿي ويئي. مگر ان کانپوءَ سندس طبيعت ۾ غرور ۽ تڪبر پيدا ٿيو . پاڻ ڪجھ ڪريل حرڪتون ڪرڻ لڳا . آخرڪار ھڪ ڏينھن حضرت خواجه صاحب خادمن کي فرمايو ته ميان محرم کي وٺي اچو ،خادم جڏھن ميان محرم وٽ ويا ۽ حضرت صاحب جو پيغام ڏنو ته ميان محرم چيو مونکي حضرت صاحب جي ضرورت ناھي حضرت صاحب وٽ اچڻ کان انڪار ڪيائين  .جڏھن حضرت کي  ٻڌايو ويو  ته ميان محرم اوھان وٽ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. ته اتي حضرت صاحب کي ڪاوڙ آئي .۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ حضرت صاحب خود سندس ڪمري ۾ ويا .گستاخ جيئن ئي حضرت صاحب کي ايندي ڏٺو ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو . حضرت صاحب دروازو کولي جيئن ئي اندر داخل ٿيا ته ميان محرم پرواز ڪري ڪمري مان اڏامي ويا حضرت صاحب شھباز وانگر پويان  اڏامي کيس معرفت جي نور کان نھي ڪري ڇڏيو. ان کانپوءَ ميان محرم زمين تي اچي ڪريو سندس چھرو خوفناڪ صورت ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ڪتي وانگر ڀونڪڻ لڳو. 
ميان محرم جي مزار ليه ۾ آنار واله جي مقام تي آھي جيڪا ماڻھن لاءِ باعث عبرت آھي
ٽيون چانور حضرت خواجه صاحب ميان محرم کي ڏنو جنھن اھو بدقسمتي سان ضايع ڪري ڇڏيو.

حضرت خواجه عبدالخالق اويسي رح  کي ٽي فرزند ھئا.
حضرت صالح محمد رحه
حضرت ولي محمد رح 
حضرت قطب الدين رحه 
سندس ننڍو صاحبزادو پيدائشي ولي ھو جنھن جي مزار بريلي ھندستان ۾ آھي
وفات:حضرت خواجه عبدالخالق اويسي رح 26 ذوالحج 1187ھجري مطابق 1774ع ۾ وصال ڪيو 
وصال کان اڳ پاڻ  سموري امانت پنھنجي وڏي فرزند حضرت خواجه صالح محمد رح جي سيني ۾ منتقل ڪئي.
سندس مزار مبارڪ  ضلع بھاولنگر۾  حاصلپور چشتيان جي وچ ۾ ريلوي اسٽيشن بخشن خان جي اتر طرف چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مرجع خلائق آھي.
ڪتاب صاحب السير(اردو) تان ورتل 
تصنيف حضرت محمد صلاح الدين اويسي ثاني سجاده نشين پنجم درگاه حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني رحه.

Saturday, 14 March 2015

حضرت ميان ڪمال فقير اويسي سيلاني قدس سرهٗ


مٽي ان ماڳاءِ اصل هئي ايتري.
__________________________________
اهو ڏينهن نٿو وسري جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئم .۽ هر روز ٻه ٽي ڪلو ميٽر پيدل هلي اسڪول ويندو هوس. اچانڪ هڪ ڏينهن هڪ مرد سفيد ريش گس تي مليو پڇيائين بابا مٺل فقير جي ڳوٺ ڪهڙو رستو ويندو .ٻڌايو مانس سائين! هي رستو وٺي هليا وڃو سڌو مٺل فقير جي گهر وڃي پهچندؤ. 
خدا جي قدرت ڪجھ ڏينهن کان بعد انهي بزرگ کي درگاه علي پور شريف تعلقه علي پور ۾ ڏٺم .ساڻس مليس .پر ملڻ سان ئي سڄي وجود ۾ خوف ڇانئجي ويو.چاچي کان پڇيم چاچا هي ڪير آھي .
وراڻيائين اهو ڪمال فقيرآھي ۽ سائين جن جو خليفو آھي .سوچيم ته خليفي جوڪمال اهو آھي ته ان جي مرشد جي مرشد جو ڇا شان هوندو .
ٿوري دير کانپوء سجاده نشين سان مليا سي جيڪو تمام نرم دل هو .
۽سندس زبان تي هميشه هي لفظ هوندو ته ميڏا مٺا يا هر پيرڀائي کي هنن لفظن سان پڪاريندو هو ميڏا پتر.
عرس پاڪ ختم ٿيو شھنشاه صاحب السير رحه جي فرزندن درگاه تي چادر چاڙھي نيٺ عرس به پنهنجي اختتام تي پهتو
فقير صاحب اصل ۾ ڪوه سليمان جي پهاڙي علائقن سان تعلق رکندڙ هو .
بچپن ۾ مجذوب هو ۽ نڙ وڄائيندو .جڏهن پاڻ اڪيلائي ۾ ويهي نڙ وڄائيندو ھو ته ڪافي جهنگلي مخلوق سندس ارد گرد جمع ٿي ويندي هئي .
پاڻ ڪڏهن ڪڏهن فرمائيندا هئا ته ڪافي ڏينهن اسان هرڻي جي کير تي گذاريا. ڪنهن فقير عرض ڪيو ته قبله هرڻي جو کير توهان واپرائيندا هئا ته پوء ھرڻي جا ٻچا ته بک ڪاٽيندا هوندا . پاڻ فرمايائون ته اسان ضرورت جيترو واپرائيندا هئا سون.
خدا جي قدرت ته ڪو وقت اهڙو به آيو جو ڪوه سليمان جي علائقي ۾ بارش نه ٿي زمينون فصل ڏيڻ ڇڏي ويون چوپايو مال مرڻ لڳو .۽ ماڻهن جو گذر سفر تمام گهڻو متاثر ٿيو. آخرڪار درگاه حضرت خواجه سليمان تونسوي رحه عرف پير پٺاڻ جي ڪجھ مريدن پنهنجي مرشد غالبن الله بخش تونسوي رحه کي عرض ڪيو ته قبله ملڪ ۾ ڏاڍي خشڪ سالي آهي زمينن فصل ڏيڻ ڇڏي ڏنو آھي مال متاع بک وگهي مرڻ لڳو آھي.
قبله دعا ڪيو ته برسات ٿئي ۽ اسان جو علائقو وري آباد ٿئي پاڻ ٿوري دير خاموش رهيا ۽ پوءِ پنهنجن مريدن کي فرمايائون ته انهي علائقي ۾ هڪ مجذوب رهي ٿو انهي کي دعا لاء وڃي عرض ڪيو انشاء الله بارش ايندي .۽ اوهان جو علائقو وري آباد ٿيندو . 
پوء فقير جيئن ئي پنهنجي علائقي ڏانهن موٽيا ته مجذوب (ڪمال فقير رحه) کي ڳولڻ شروع ڪيائون ڪافي ڏينهن پاڻ نه آيا .آخرڪار پاڻ ٽن چئن ڏينهن کانپوء ظاهر ٿيا .فقيرن ڪافي ايلازون ڪيون ته اسان سان هلو ته اسان توهان جي خدمت ڪيون . پاڻ بلڪل جواب ڏنائون .آخرڪار فقير جي انڪار تي حضرت خواجه پير پٺاڻ رحه جي مريدن کيس زوري وٺي کيس هڪ ڪمري اندر قيد ڪري ڇڏيو. پاڻ ڪافي ڪوشش ڪيائون مگر ڪمري مان نڪري نه سگهيا .آخرڪار مجبورن پاڻ ڪمري جي اندر نڙ وڄائڻ شروع ڪيائون .
جيئن پاڻ نڙ وڄايائون ته ڪجھ دير کان پوء ايترو ته زور دار بارش ٿي جو سڄو علائقو بارش جي پاڻي سان ڀرجي ويو .۽ڪافي ڏينهن برسات هلندي رهي .آخر وري حضرت خواجه پير پٺاڻ رحه جا مريد وقت جي سجاده حضرت اله بخش تونسوي رحه وٽ ويا ۽ پنهنجي مرشد کي عرض ڪيائون ته قبله ھاڻ دعا ڪيو ته برسات رڪجي .پاڻ فرمايائون ته هاڻ خير آھي وڃو انهي مجذوب کي ڪمري مان وڃي ٻاهر ڪڍو .
جيئن واپس اچي ڪمري جو در کوليائون ته فقير يڪدم ٻاهر نڪري ويو.

انکانسواء هڪ ڳوٺاڻو مجذوبي واري دور ۾ فقير جي خدمت ڪندو هڪ ٻه ڏينهن فقير ان ڳوٺاڻي وٽ ضرور رهندا هئا . هڪ ڏينهن فقير صاحب جيئن ان ڳوٺاڻي وٽ آيا ته ڀرپاسي جو هڪ سيد سڳورو ان ڳوٺاڻي وٽ آيو ۽ چيائين اڄ کان پوء انهي فقير کي گهر نه وٺي اچجان ڇو ته هو غير شرع آھي .ڳوٺاڻي سيد سڳوري کي چيو ته هي مجذوب آهي آئون ان کي پاڻ وٽ نه ٿو وٺي اچان مگر هو مجذوب پاڻ ئي اچي ٿو .ويچارو اسان کان ڪجھ به نٿو گهري دعا ڪري موٽي هليو ٿو وڃي. ان سيد سڳوري ان ڳوٺاڻي کي چيو ته آئينده آئون انهي غير شرع فقير مجذوب کي تنهنجي گهر نه ڏسان.
خدا جي قدرت ڪجھ عرصي کان بعد وري فقير صاحب انهي ڳوٺاڻي وٽ آيا ڳوٺاڻي فقير صاحب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي .اوچتو اهو پاڙيوارو سيد سڳورو به ڪاوڙ مان انهي ڳوٺاڻي جي گهر آيو .۽اچڻ سان فقير صاحب جي کٽ هيٺ مراقبو ڪري ويهي رهيو .سڀني حاضرين مجلس کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته هي سيد بادشاه ڇاڪري رهيو آهي مگر ڪنهن کي جرئت نه ٿي جو سيد سڳوري سان ڳالهائي .آخرڪار اڌ ڪلاڪ تائين سيد سڳورو مراقبي ۾ ويٺو رهيو .اڌ ڪلاڪ کانپوء حاضرين مجلس ڏٺو ته اهو سيد سڳورو پگهر ۾ شم ٿي سڌو فقير صاحب جي قدمن ۾ اچي ڪريو . ۽ عرض ڪرڻ لڳو قبله مون کي معاف ڪيو .پاڻ فرمايائون شاه صاحب توهان اهلبيت پڙھيل لکيل ٿي ڪري اسان جي گودڙي ۾ هٿ وڌو اهو اوهان جو مرڪ نه هو . ڇوته هي فقير اوهان اهلبيت جو ادني ٰ غلام آھي .
شاه صاحب کي معافي ملي ۽ ڳوٺاڻي کي چوڻ لڳو ته صبحاڻ منهنجي دعوت تي فقير صاحب کي وٺي اچجان .
آخرڪار پاڻ شاه صاحب جي دعوت تي ويا . آخر ڳوٺاڻي شاه صاحب کان پڇيو ته قبله پهريان ته توهان فقير کان نفرت ڪندا هيو ته فقير غير شرع آهي .اڄ توهان خود فقير کي دعوت ڏني آھي ته مون وٽ به قدم مبارڪ ڏيو .
شاه صاحب وراڻيو ته مون توهان کي منع ڪيو هو ته فقير کي آئينده دعوت تي نه وٺي اچجو .ان کان پوء به وري توهان اسان جي ڳاله نه مڃي وري توهان ان فقير کي دعوت تي وٺي آيؤ . مون سوچيو ته فقير وٽ جيڪا به امانت آهي اها اڄ کسيندس .انهي ڪري مراقبو ڪيم ۽ جيئن ئي فقير جي پويان ڀڳس ته پهريون آسمان به ٽپي ويو .چار آسمانن تائين سندس پيڇو ڪيم پر چارئي آسمان ٽپي ويو .۽ منهنجي وڏن جي ڪرامت چار آسمانن تائين هئي انهي ڪري اڳتي هلڻ جي همت نه ڪري سگهيس .
لاچار ٿي ڪري فقير جي قدمن ۾ اچي ڪريس.

فقير صاحب شھنشاه علي پور مرد قلندر حضرت فقير ميان محمد بخش عرف الله واله فقير رحه جو بيعت ٿيو . فقير ميان محمد بخش سائين رحه جا مريد اڄ به تمام گهڻي تعداد ۾ رڪني فورٽ منرو لورالائي لنڊي سيدان داجل ڄام پور واري علائقي ۾ اڄ به موجود آھن .
فقير ميان محمد بخش اويسي رحه جيئن ئي ڪوه سليمان جي علائقي ۾ مريدن جي دعوت تي ويا سندن ملاقات انهي مجذوب حضرت ميان ڪمال فقير سان گس تي ٿي . پاڻ فرمايائون ته اسان جي فلاڻي فقير جو گهر ڪٿي آھي .اهو فقير جنهن جي گهر جي باري ۾ فقير صاحب کانئن سوال ڪيو انهي وقت سائين ميان محمد بخش سان گڏ هو.
انهي تي حضرت ميان ڪمال فقير کيس وراڻيو ته “رلئي ته ودائنيس اڃان پڇدا پئين“
پوء پاڻ فرمايائون ته فقير جي بيعت ڪندين ؟
حضرت ڪمال فقير رحه هائوڪار ڪئي 
ان کان پوء پاڻ حضرت ميان محمد بخش اويسي سيراني رحه جي بيعت ڪري اويسي سيراني سلسلي ۾ داخل ٿيا . انهي کانپوء پاڻ آھسته آهسته پنهنجي مرشد پاڪ جي صحبت ۾ رهي مجذوبي ڪيفيت مان ٻاهر نڪتا . 
مون راقم الحروف سندن زبان مبارڪ مان ٻڌو ته پاڻ فرمايائون ته جڏھن  مرشد مونتي هڪ نگاه ڪيميا ڪئي ته منهنجو ڪم انهي مهل ئي ٿي ويو .

حضرت ميان ڪمال فقير بلوچن جي جلالاڻي قبيلي مان هئا سندن زبان مبارڪ بلوچي هئي . سندس مرشد پاڪ جي زبان سرائيڪي هئي انهي ڪري سرائڪي به ڳالهائيندا هئا.

جڏھن به فقير صاحب اسان جي علائقي ۾ ايندا هيا ته راقم الحروف کي پاڻ وٽ گهرائيندا هئا . فقير صاحب عشق جو آڙاه هو .ايتري محبت ڏيندا هئا جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آھي .پر سندن محفل ۾ ويهڻ سان ڊڄ ٿيندو هو .هڪ ڀيري راڻي پور جي پير سيد حزب الله شاه جيلاني جي هڪ مريد محڪم الدين بوزدار مرحوم ڍليار تعلقه کپرو.جيڪو پڻ فقير جو صحبتي هو . کان پڇيم ته سائين مونکي فقير کان تمام گهڻو ڊپ ٿئي ٿو .پاڻ وراڻيائون ته فقير اها توسان نه پر اسان سڀني تي اها حالت طاري آھي .
بوزدار فقير ن کي فقير صاحب تمام گهڻو ڀائيندا هيا . پاڻ اڪثر فرمائيندا هئا ته هي بوزدار فقير مجذوب آھن .جڏھن به انهن کي سڏ ڏبو آھي حاضر ٿيندا آھن . 
اهو ئي سبب آھي جو اڄ ڏينهن تائين بوزدار فقير درگاه حضرت محڪم الدين سيراني ۽ درگاه علي پور شريف تي وقت بوقت حاضري ڏيندا رهندا آھن .

حضرت ميان ڪمال فقير رح مرشد پاڪ جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا . 
پاڻ مرشد پاڪ کان جريب يا ايڪڙ جي مفاصلي تي ويهندا هئا. 
باقي مرشد پاڪ جي فرمان تي سندس قريب اچي ويهندا هئا. 
پاڻ اڪثر پنهنجي پير ڀائين کي چوندا هئا ته الله وارا نانگ اٿؤ انهن کان جيترو پري ويهندؤ ته بچندؤ.
سندس مرشد پاڪ حضرت ميان محمد بخش اويسي فرمائيندا هئا ته .ته ڪمال فقير اسان جو واسينگ آھي .اها ڳاله به بلڪل سچ هئي .مون ڏٺو ته سندن صحبت ۾ اهي ماڻھو آھن جيڪي پاڻ کي هن دنيا تي ڏاڍو سڏائيندا هئا مگر فقير جي صحبت ۾ سڌري پنج وقت نمازي ٿيا .۽ فقير جي هر ڳاله تي سر تسليم خم ڪندا هئا.
پاڻ سڄي عمر سفر ۾ گذاريائون اويسي سيلاني سلسلي جي نسبت حضرت حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني کان ٿيندي حضرت عبدالخالق اويسي (جنهن جي روحاني بيعت حضرت اويس قرني رضه سان هئي ) سان منسوب آھي .
ان ڪري پاڻ مجرد رهيا سڄي عمر شادي نه ڪيائون . ۽ پنهنجي مرشد پاڪ جي سنت جي پيروي ڪندي سڄي عمر سفر ۾ گذاري ڇڏيائون .
وصال کان هڪ سال پهريان اسان جي ڳوٺ دعوت تي آيا . راقم الحروف جو اصول جڏھن پاڻ ايندا هيا ته سندن حاضري ضرور ڀربي هئي .
ڪجه دير سندن صحبت ۾ ويهي عرض ڪيم ته اجازت ڏيو هاڻ اسان به گهر موٽي وڃون پاڻ دعا ڪيائون .۽ اجازت ڏنائون . آئون جيئن ئي هلڻ لاء اڳتي وڌيس ته پٺيان ڪنهن فقير آواز ڏنو ته فقير اوهان کي سڏي ٿو. وري سندس حضور ۾ حاضر ٿيس .پاڻ فرمايائون ته فقير هٿ هيڏانهن ڪر ڏٺم ته ٻه صوف کڻي منهنجي هٿ تي رکيائون ۽ فرمايائون فقير هي تنهنجو حصو آھي .وري فرمايائون ته ڀلا! انهي بهاني اسان کي ياد ته رکندين 

سندن وصال به اسان جي ڳوٺ ۾ ٿيو .پاڻ بلڪل تندرست هئا مگر هر ڀيري کان سندن طبيعت ۾ ڪجھ نرمي وڌيڪ هئي 
پاڻ رات جو پڇيائون ته چنڊ جي گهڻي تاريخ آھي ڪنهن چيو 3 ته ڪنهن چيو 4 مگر پاڻ فرمايائون ته توهان کان ته ڄٽ ماڻھو به هوشيار هئا جيڪي چنڊ ڏسي ٻڌائيندا هيا ته اڄ ايتري تاريخ آھي .
ڪجه نصيحتون پڻ ڪرڻ فرمايائون پاڻ فرمايائون ته اگر اوهان جو ايمان ڪامل آھي ته ڪجه به توهان جو ناهي سڀ حضرت محل واله سرڪار جو آھي .
انهي کانپووء پاڻ فقير احمد الدين لغاري جي دعوت تي ويا .ڪجھ طبيعت ۾ بيچيني ٿي فقيرن لنگر تيار ڪيو .پاڻ ٻه ٽي گره هنيائون مگر فقيرن کي چيائون ته توهان لنگر ڪيو. انهي مهل فقير جو بليڊ پريشر چيڪ ڪيو ويو جيڪو وڌيڪ هئو.فقير احمد الدين عرض ڪيو ته قبله ڪنهن ڊاڪٽر ڏي توهان کي وٺي هلون مگر پاڻ فرمايائون ته هاڻي ضرورت ڪونهي اسان کي ڪنهن جو انتظار آھي .
ايئن چئي پاڻ جيئن ئي ستا ته ڪلمو شريف پڙھي جان جان آفرين جي سپرد ڪيائون.
مگر مونکي هڪ ڳاله نه وسري جيڪا پاڻ وصال واري رات کان اڳ جي رات ڪيائون ٿيو ايئن جو سائين رکيل شاه جي درگاه جي هڪ طالب ڪجھ مٺائي سندن حضور ۾ پيش ڪئي پاڻ فرمايائون ته اها فقيرن کي ورهائي ڏيو . مٺائي تقسيم ٿيڻ کان پوء فقير صاحب فرمايو ته هاڻي سڀ ان فقير لاء دعا گهرو .فقير صاحب دعا گهري انکانپوء ان فقير به اجازت لاءِ عرض ڪيو پاڻ فرمايائون ته “الله پاڪ تسان تي توڙدي رحمت ڪري “ مان توکي تمام گهڻيون دعائون ڪندس .
ان کاپوء ٻي شام فقير صاحب وصال فرمايو ۽ ان مٺائي ورهائيندڙ فقير کي مون فقير صاحب جي جسد تي غسل ڪفن مهل پاڻي هاريندي ڏٺو.
.فقير صاحب جو اصول هو آڌي رات جو اُٿي درود شريف پڙھندا هئا ۽ رات جو باه جو مچ ٻارائيندا هئا .
ڪنهن فقير عرض ڪيو ته قبله توهان مچ ڇو ٻارائيندا آھيو ؟ پاڻ فرمايائون ته هي وسئون جي نشاني آھي.
🎆 🎆 🎆 🎆 🎆 🎆 🎆 🎆 🎆 

مرد نه مرن ڪڏھين جي ساڳو ٿيا سبحان
عَالم تي احسان ڪوڙين ڀَتين ان جو.
بيدل سائين رحه
————————————————


حضرت سوڀو فقير لغاري اويسي سيلاني قدس سرهٗ

  1. درگاه حضرت سوڀو فقير لغاري اويسي سيلاني رحه خانپور مهر ضلع گهوٽڪي.

    [​IMG]
    مزار مبارڪ حضرت سوڀو فقير لغاري اويسي سيلاني رحه

    ﺣﻀﺮﺕ ﺻﻮﻓﻲ ﺳﻮڀو ﻓﻘﻴﺮ
    ﻟﻐﺎﺭﻱ ﺍﻭﻳﺴﻲ سيلاني رحه

    ﺑﺴﻢ ﺍﻟﻠﻪ ﺍﻟﺮﺣﻤﻦ ﺍﻟﺮﺣﻴﻢ
    ﺣﻤﺪ ﻭ ﺛﻨﺎ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ﺑﻴﺎﻥ
    ڪﻴﻮ ﻭڃي ٿو ﺗﻪ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﺳﻮﺍﻧﺢ ﺣﻴﺎﺕ
    ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻃﻮﺭ ﺳﭙﺮﺩ ﻗﻠﻢ
    ڪﺮﻳﺎﻥ ٿو. ﺍﻣﻴﺪ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ
    ﺍﻫﻞ ﺑﺼﻴﺮﺕ ﻫﻦ ﻣﺨﺘﺼﺮ
    ﺍﺣﻮﺍﻝ ﮐﻲ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲ ﺳﺎﻥ
    ﻣﻄﺎﻟﻌﻮ ﻓﺮﻣﺎﺋﻲ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﻳﺎﺩ ﮔﻴﺮﻱ ﮐﻲ
    ﺗﺎﺯﻭ ڪﻨﺪﺍ. ﺑﻨﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎﺩﻡ
    ﺍﻟﻔﻘﺮﺍﺀَ ﻧﻪ ﺍﺭﺩﻭ ﺟﻮ ﻣﺎﻫﺮ
    ﺁﻫﻲ ﻧﻪ ﺍﻫﻞ ﻋﻠﻢ ﺁﻫﻲ.
    ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻻﺀِ ﺍﻫﻞ ﺑﺼﻴﺮﺕ ﺟﻲ
    ﺧﺪﻣﺖ ۾ ﻋﺮﺽ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ
    ڪﺘﺎﺏ ۾ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺟﺎﺀِ ﺗﻲ
    ﻏﻠﻄﻲ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﺮﻳﻮ ﺗﻪ
    ﺧﺎﺩﻡ ﺍﻟﻔﻘﺮﺍﺀَ ﮐﻲ ﻣﻌﺎﻑ
    ﻓﺮﻣﺎﺋﻴﻨﺪﺍ. ﻫﻲ ڪﻢ
    ﺑﻔﺮﻣﺎﺋﺶ ﻓﻘﻴﺮ ﻟﻌﻞ ﺧﺎﻥ
    ﻋﺎﻟﻤﺎڻي ﺩﺭﮔﺎﻩ ﺳﻮڀي
    ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﺳﺎﻥ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ.
    ﺍﻣﻴﺪ ﺗﻪ ﻣﻨﻈﻮﺭ ڪﻨﺪﺍ.
    ﺳﻮﺍﻧﺢ ﻋﻤﺮﻱ
    ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ
    ﺣﻀﺮﺕ ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻦ
    ﺟﻮ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﺭﻳﺎﺳﺖ
    ﺑﻬﺎﻭﻟﭙﻮﺭ ﮐﺎﻥ ﻫﺠﺮﺕ ڪﺮﻱ
    ﻣُﻠڪ ﺳﻨڌ ۾ ﻗﻴﺎﻡ ﭘﺬﻳﺮ ٿيو.
    ﭘﺎڻ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﻗﻮﻡ ﺟﺎ
    ﻟﻐﺎﺭﻱ ﺁﻫﻦ. ﭘﺎڻ ﺑﺤﺮ ﻋﺮﻓﺎﻥ
    ﺟﻲ ﻣﺨﺰﻥ ﻣﻤﺘﺎﺯ ﻫﺴﺘﻲ
    ﺩﺭﻳﺎ ﻳﻘﻴﻦ ﺭﻫﺒﺮ ﮐﺎﻣﻞ ﻭ
    ﺍﮐﻤﻞ ۽ ﺧﻠﻴﻔﻪ ﺣﻀﺮﺕ
    ﺻﺎﺣب ﺍﻟﺴﻴﺮ ﻋﻠﻴﻪ ﺍﻟﺮﺣﻤﺘﻪ
    ٿيﮔﺬﺭﻳﺎ ﺁﻫﻦ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ
    ﻣﺎﺩﺭﻱ ٻوﻟﻲ ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ﺁﻫﻲ.
    ﭘﺎڻ ﺳﻨڌ ۾ ﺭﻫڻ ﻗﺒﻮﻝ ڪﺮڻ
    ڪﺮﻱ ﺳﻨڌﻱ ٻوﻝ ﭼﺎﻝ ﺑﻪ
    ڪﻨﺪﺍ ﻫﻴﺎ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﺷﻌﺮ
    ﺑﻪ ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ۽ سنڌﻱ ٻنهي
    ﺯﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺗﺼﻨﻴﻒ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ
    ﺁﻫﻲ. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻋﺸﻖ ﺟﻮ
    ﺁڙﺍﻫﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ
    ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺴﺖ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﻧﺸﻲ ﺟﻲ
    ﺣﺎﻟﺖ ﻃﺎﺭﻱ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﻫﻴﻦ.
    ﻣﺴﺘﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﺷﻌﺮ
    ﺟﺎﺭﻱ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫُﻴﻦ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ
    ﻭﺍﺳﻄﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺷﻌﺎﺭ ۾
    ڪٿي ڪٿي ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ﺯﺑﺎﻥ
    ﺟﺎ ﻣﻠﻴﻞ ﺟﻠﻴﻞ ﺍﻟﻔﺎﻅ
    ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ۾ ٿيندا ﻧﻈﺮ ﺍﭼﻦ
    ٿا. ڪﻼﻡ ﭼﻮڻﻭﻗﺖ ﻓﻘﻴﺮ
    ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺟﻲ ﺣﺎﻝ ۾ ڪﻮﻧﻪ
    ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻴﻦ.
    ﻧﺎﻟﻮ ۽ ﻭﻻﺩﺕ
    ﻣﺎﺀُ ﭘﻲﺀُ ﺳﻨﺪﺱ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻮڀو
    ﻓﻘﻴﺮ ﺭﮐﻴﻮ. ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ
    ﺟﻲ ﻭﺍﻟﺪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺍﺣﻤﺪ ﻫﻴﻮ.
    ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻭﻻﺩﺕ ڳوٺ
    ﺩﺍﺋﻮ ﻭﺍﻟﻲ ۾ ٿي. ﺩﺍﺋﻮ ﻭﺍﻟو
    ڏﻫﺮڪﻲ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﮐﺎﻥ ﺍُﺗﺮ
    ﻃﺮﻑ ﺍﻧﺪﺍﺯﻥ 5 ﻳﺎ 6 ﻣﻴﻞ
    ﺟﻲ ﻣﻔﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﻭﺍﻗﻊ ﺁﻫﻲ.
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫڪ
    ڀيڻ۽ ٽي ڀائر ﻫﺌﺎ. ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ
    ﻭﻻﺩﺕ ﺩﺳﺘﻴﺎﺏ ڪﻮﻧﻪ ٿي
    ﺳﮕﻬﻲ ﺁﻫﻲ. ﺍﻟﺒﺘﻪ ﺗﺎﺭﻳﺦ
    ﻭﻓﺎﺕ ﮐﻲ ﻣﺪﻧﻈﺮ ﺭﮐﻲ
    ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﺱ ﻭﻻﺩﺕ ﺟﻮ ﺳﻦ
    1225 ﻫﺠﺮﻱ ﻗﻴﺎﺱ ڪﻴﻮ
    وڃي ٿو. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ
    ﻭﻻﺩﺕ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ڪﺠﻬﻪ
    ﻋﺮﺻﻲ ۾ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺎﺋٽ ﺩﺍﺋﻮ
    ﻭﺍﻟﻲ ﮐﺎ ﻫﺠﺮﺕ ڪﺮﻱ ڳوٺ
    ﺩﺍﺩ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۾ ﺳڪﻮﻧﺖ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ
    ڪﺌﻲ. اڄ ﺑﻪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ
    ﺟﻦ ﺟﻲ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﺟﺎ ڪﺎﻓﻲ
    ﻓﺮﺩ ڳوٺ ﺩﺍﺩ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۾
    ﺭﻫﺎﺋﺶ ﭘﺬﻳﺮ ﺁﻫﻦ.
    ﻇﺎﻫﺮﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ
    ﭘﺎڻ ننڍﻱ ﻋﻤﺮ ۾ ﻧﺎﻇﺮﻩ
    ﻗﺮﺁﻥ ﺷﺮﻳﻒ ﭘڙﻫﻴﺎﺋﻮﻥ.
    ﻓﺎﺭﺳﻲ ڪﺘﺎﺏ ﮔُﻠﺴﺘﺎﻥ ۽
    ﺑﻮﺳﺘﺎﻥ ﺑﻪ ﭼڱي ﻃﺮﺡ
    ڄاڻنداﻫﺌﺎ.
    ﺣُﻠﻴﻮ ﻣﺒﺎﺭڪ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻮ ﻗﺪ
    ﺩﺭﻣﻴﺎﻧﻮ ﻫﻮ. ﺭﻧﮕﺖ ڪڻڪ
    ﺟﻬڙﻱ ﻫﺌﻲ ۽ ﺟﺴﻢ ﺟﺎ
    ﻋﻀﻮﺍ ﺗﻤﺎﻡ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ
    ﺑﺎڪﻤﺎﻝ ﻫﻴﺎ.
    ﻟﺒﺎﺱ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺩﺳﺘﺎﺭ ۽
    ﭘﻬﺮﺍڻ ﺳﺎﺋﻲ ﺭﻧﮓ ﺟﻮ
    ﭘﻬﺮﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺗﻬﺒﻨﺪ ﺳﺎﺩﻭٻَڌندا ﻫﺌﺎ. ﻋﻤﺮ ڀر ﺳﺎﺩﮔﻲ
    ﭘﺴﻨﺪ ﻓﺮﻣﺎﻳﺎﺋﻮﻥ. ﺳﻠﻮﺍﺭ
    ﺗﺴﻴﻠﻪ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﺎڻ
    ڪڏﻫﻦ ﺳﺎﺩﮔﻲ ﮐﺎﻥ ﺑﻴﺰﺍﺭ
    ڪﻮﻧﻪ ٿيا.
    ﻏﺬﺍ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺩﻭ ﮐﺎڌو ﭘﺴﻨﺪ
    ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻣﻮﺳﻢ ﺟﻲ ﻟﺤﺎﻅ
    ﺳﺎﻥ ﺟﻴڪﻮ ﻃﻌﺎﻡ ﻣﻠﻨﺪﻭ
    ﻫﻴﻦ ﺳﻮ ﻭڏﻱ ﭼﺎﻫﻪ ﺳﺎﻥ
    ﻧﻮﺵ ﻓﺮﻣﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎٿڌو
    ﭘﺎڻي ﺑﻪ ﻭڏﻱ ﺷﻮﻕ ﺳﺎﻥ
    ﭘﻴﺌﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﺎڻي ﭘﻴﺌڻ ﻭﻗﺖ
    ﺳﻨﺪﻥ ﺯﺑﺎﻥ ﺗﻲ ﺍﻟﻠﻪ ﺟﻲ
    ﺷڪﺮ ﺟﻮ ﻭﺭﺩ ﺟﺎﺭﻱ ﻫﻮﻧﺪﻭ
    ﻫُﻴﻦ.[​IMG]
    ﺩﺳﺖ بيعت
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ننڍپڻ ﺟﻲ
    ﻭﻗﺖ ﮐﺎﻥ ﻭٺي ﻣﺴﺘﺎﻧﻲ
    ﺣﺎﻝ ﺧﻴﺎﻝ ۾ ﮔﺬﺍﺭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ﺍﻧﻬﺊ ڪﺮﻱ ﭘﺎڻﮐﻲ ﺍﺑﺘﺪﺍ ۾
    ﺟﻮﺵِ ﻣﺤﺒﺖ ۾ ﻣﺤﻮ ﺭکندا
    ﻫﺌﺎ. ﺍﻧﻬﻲ ﺟﻮﺵِ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻲ
    ﻏﻠﺒﻲ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﭘﺎڻ ﺟوڳين
    ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ ﺑﻪ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﺌﻲ.
    ﺟﻬﻨﮕﻠﻦ ۽ ﭘﻬﺎڙﻥ ﺟﺎ ﺳﻴﺮ
    ﺑﻪ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ ﺟﻮ وڃي
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺑﻐﺪﺍﺩ
    ﺷﺮﻳﻒ ﭘﻬﺘﺎ. ﻣﮕﺮ ﺍﻧﻬﻦ
    ﺟﻮڳين ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ ۾ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﮔﻬڻو
    ﺳڪﻮﻥ ڪﻮﻧﻪ ﻣﻠﻴﻮ. ﺳﻮ
    ﻣﺠﺒﻮﺭ ٿي ڪﺮﻱ ﻭﺍﭘﺲ
    ﻭﻃﻦ ﻭﺭﻳﺎ. ﭘﺎڻ ﻫﻤﻴﺸﻪ
    ڪﻨﻬﻦ ﻣﺮﺩ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ڳوﻻ
    ۾ ﺭﻫﻴﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﻋﺸﻖ
    ﺟﻲ ﻟڪ ﮐﻲ ﻋﺒﻮﺭ ڪﺠﻲ.
    ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻬﻴﺴﺮه
    ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﮐﺎﻥ ڏکڻ ﻃﺮﻑ
    ﻫڪ ﻣﺎڻھو ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﺁﻳﺎ.
    ﺍُﺗﻲ ﻻﻝ ﭘﻴﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﺑﺰﺭﮒ ﺟﻮ
    ﺭﻭﺿﻮ ﺁﻫﻲ. ﭘاڻ ﺍﻧﻬﻲ
    ﻣﺎڻھو ﻭٽ ﺭﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮ
    ڪﻢ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ۽ ﺭﺍﺕ ﺟﻮ
    ﺭﻭﺿﻲ ﻣﺒﺎﺭڪ تي وڃي
    ﭘڙﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺍﻧﻬﻲ ﻃﺮﻳﻘﻲ
    ﺳﺎﻥ ﭘڙﻫﻨﺪﻱ ﭘڙﻫﻨﺪﻱ ﻫڪ
    ﺭﺍﺕ ﺟﻮ ﻣﺰﺍﺭ ﺟﻲ اندر ﺷﻴﻨﻬﻦ
    ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ﻇﺎﻫﺮ ٿي. ٻي
    ﺩﻓﻌﻲ ﻧﺎﻧﮓ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ
    ﻧﻤﻮﺩﺍﺭ ٿي. ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭘﺎڻ
    ﻓﺮﻣﺎﻳﺎﺋﻮﻥ ﺗﻪ ”ﺳﻮڀو
    ڊڄڻ ﻭﺍﺭﻭ ﻧﺎﻫﻲ. ڊيڄاﺭﻳﻮ
    ﻧﻪ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺻﻠﻲ ﺻﻮﺭﺕ
    ﺟﻲ ﺯﻳﺎﺭﺕ ڪﺮﺍﻳﻮ“. ﭘﻮﺀِ
    ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻭﻗﺖ ﻣﺰﺍﺭ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ
    ﻣﺰﺍﺭ ﻭﺍﺭﻭ ﺑﺰﺭﮒ ﺳﻴﻨﻲ
    ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻗﺒﺮ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺮﻱ ﻇﺎﻫﺮ
    ٿيو. ﺳﺞ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺭﻭﺷﻨﻲ
    ٿي. ﭘﺎڻ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﻋﺮﺽ
    ڪﻴﺎﺋﻮﻥ ﺗﻪ ”ڪﺠﻬﻪ ﻓﻴﺾ
    ﺍﻟﻠﻪ ڪﺎﺭڻ ﻋﻄﺎ ٿئي“. ﺟﻨﻬﻦ
    ﺗﻲ ﺑﺰﺭﮒ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﻓﻼڻي
    ﺟﻬﻨﮓ ۾ ﻭڃي ﻟﻮڙﻫﻮ ڏﺋﻲ
    ﻭﻳﻬﻪ. ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ
    ﻋﺮﺽ ڪﻴﻮ ﺗﻪ ”ﺳﻮڀو،
    ﻟﻮڙﻫﻮ ڏﺋﻲ ﻭﻳﻬڻ ﻭﺍﺭﻭ
    ﻧﺎﻫﻲ. ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻓﻴﺾ
    ڏيڻو ﺍٿوَ ﺗﻪ ڏﻳﻮ“. ﺑﺰﺭﮒ
    ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ”ﻣﺎنوٽ ﻧﻴﺮ ﺟﻲ
    ڪُﻦِ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ٽٻي ڏﺋﻲ
    ڪﺮﻱ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﮐﻲ ڏﻳﻮﻥ.
    ﺍﻫڙﻭ ﻧﻴﺮ ﺟﻮ ڪُﻦُ ﺣﻀﺮﺕ
    ﺻﺎﺣﺐ ﺍﻟﺴﻴﺮ ؒ ﻭٽ ﺁﻫﻲ، ﺳﻮ
    ﺍﻭڏﺍﻧﻬﻦ ﻭڃ“.

    [​IMG]
    درگاه حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني صاحب السير رحه تعلقه خانقاه شريف ضلع بهاولپور.
    [​IMG]
    درگاه خواجه محڪم الدين سيلاني صاحب السير رحه ڌوراجي بندر ضلع راجڪوٽ گجرات انڊيا.
    ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺷﻮﻕِ ﺩﻳﺪﺍﺭ
    ﭘﻴﺪﺍ ٿيو ﺗﻪ ﺣﻀﺮﺕ ﺻﺎﺣﺐ
    ﺍﻟﺴﻴﺮ ؒ ڪٿيﺁﻫﻦ. ﺧﺪﺍ ﺟﻲ
    ﻗﺪﺭﺕ ﺳﺎﻥ ﻫڪ ﺭﺍﺕ ﺧﻮﺍﺏ
    ۾ ﺣﻀﺮﺕ ﭘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ
    ﺟﻦ ﺟﻲ ﺯﻳﺎﺭﺕ ﻧﺼﻴﺐ ٿي.
    ﺧﻮﺍﺏ ۾ ﺋﻲ ﺩﺳﺖ ﺑﻴﻌﺖ
    ﻓﺮﻣﺎﻳﺎﺋﻮﻥ ۽ ﺑﺎﻃﻨﻲ ﻓﻴﺾ
    ﻋﻄﺎ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ. ﺣﻀﺮﺕ ﭘﻴﺮ
    ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ ؒ ﺧﻮﺍﺏ ۾ ﺍﺭﺷﺎﺩ
    ڪﻴﺎﺋﻮﻥ ﺗﻪ ”ﻣﻴﺎﻥ ﺳﻮڀا ،
    ﻣﻮﻥ ﻭٽ ﺍﭼﻮ“. ﺟڏﻫﻦ
    ﺧﻮﺍﺏ ﮐﺎﻥ ﺑﻴﺪﺍﺭ ٿيا ﺗﻪ
    ﺍﻧﻮﻗﺖ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺍڻ تڻ ﭘﻴﺪﺍ
    ٿي ﺗﻪ ﺟﻠﺪﻱ ﻫﻠﻲ ڪﺮﻱ
    ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ ﺗﻼﺵ ڪﺮﻱ
    ﺯﻳﺎﺭﺕ ڪﺠﻲ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺑﻌﺪ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ
    ﺗﻼﺵ ۾ لڳي ﻭﻳﺎ. ﺧﺪﺍﻭﻧﺪ
    ڪﺮﻳﻢ ﻣﺴﺐ ﺍﻻﺳﺒﺎﺏ ﺁﻫﻦ.
    ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺍﻫڙﻭ ﺳﺒﺐ بڻيو
    ﺟﻮ ﺣﻀﺮﺕ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ
    ﺳﻔﺮ ڪﻨﺪﻱ سنڌ ۾ ﺗﺸﺮﻳﻒ
    ﻓﺮﻣﺎ ٿيا. ۽ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻗﺪﺭﺕ
    ﺳﺎﻥ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﻮڀي ﺳﺎﻥ ﻭڃي ﻣﻠﻴﺎ.
    ﻣﻼﻗﺎﺕ ٿيڻ ﺷﺮﻁ ﺟڏﻫﻦ
    ﺣﻀﺮﺕ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ ؒ ﺟﻲ
    ﺻﻮﺭﺕ ﺧﻮﺍﺏ ﻭﺍﺭﻱ ﺻﻮﺭﺕ
    ﺳﺎﻥ ﻣﻼﺋﻲ ڏٺي ﺗﻪ ﻭڃي
    ﻫڪ ﺑﻴٺي. ﻳﻌﻨﻲٰ ﺻﻮﺭﺕ
    ﺳﺎﻥ ﺻﻮﺭﺕ ﻣﻠﻲ ﻭﺋﻲ.
    ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ ﺧﺪﺍﻭﻧﺪ ڪﺮﻳﻢ
    ﺟﺎ ﺷڪﺮﻳﻪ ﺍﺩﺍ ڪﻴﺎ. ۽ ﺣﻀﺮﺕ
    ﭘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭفؒ ﺟﻦ ﺟﺎ
    ﻗﺪﻡ ﻣﺒﺎﺭڪ ﭼﻤﻴﺎ ۽ ﺩﺳﺖ
    ﺑﻴﻌﺖٿيڻ ﻻﺀِ ﻋﺮﺽ ڪﻴﻮ.
    ﺣﻀﺮﺕ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ ؒ ﺳﺎﺋﻴﻦ
    ﺟﻦ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀي ﮐﻲ
    ﺧﺎﻧﻘﺎﻩ ﺗﻲ ﺍﭼڻ ﻻﺀِ ﭼﻴﻮ. ﺍﻥ
    ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀو ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ
    ﺍﻣﺮ ﻣﻮﺟﺐ ﺧﺎﻧﻘﺎﻩ ﺗﻲ ﻭڃي
    ڪﺮﻱ ﺧﺮﻗﻪ ﺧﻼﻓﺖ ﺳﺎﻥ
    ﺳﺮﻓﺮﺍﺯ ٿيا ۽ ﻇﺎﻫﺮﻱ
    ﻓﻴﺾ ﻭٺي ﺁﻳﺎ. سنڌ
    ﻭﺍﭘﺲ ﺍﭼﻲ ڪﺮﻱ ﻓﻴﺾِ
    ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ جاري ڪيائون.
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ
    ﺻﺤﺒﺖ ۽ ﺑﺮڪﺖ ﺳﺎﻥ ﻓﻴﺾِ
    ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ ۾ ﺟﺎﻡ ﻃﺎﻟﺐ ٿيا.
    ﺣﻀﻮﺭ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ
    ﺟﻲ ﻓﻴﺾ ﺟﻮ ﺳﺘﺎﺭﻭ
    ﭼﻤڪڻ لڳو. ﺍﻻﺋﻲ ڪٿان
    ڪٿان ﺟﺎ ﻣﺎڻھو ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﺎﻥ ﺭﻭﺣﺎﻧﻲ
    ﻭﻧڊ ﻭٺڻ ﻻﺀِ ﭘﻬﭽڻ ﺷﺮﻭﻉ
    ٿيا. ﺍﻫﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺍڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ
    ﺟﺎﺭﻱ ﻭ ﺳﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ.ﺍﻫﻮ
    ﺳﺎﺭﻭ ڪﺮﻡ ﺟﻴڪﻮ ﻓﻴﺾ
    ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ ۾ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ
    ﺟﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ٿيو ﺳﻮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻫڪ ﺍﺩﻧٰﻲ
    ڪﺮﺷﻤﻮ ﻫﻴﻮ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ
    ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ سرڪار جا بزرگ هن
    ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﺎ ﭘﻴﺮڀائين کي لمي وارا ﻓﻘﻴﺮ جي لقب سان سڏيندا آھن.
    ﺣﻀﺮﺕ ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ
    ﻓﻴﺾ ۽ ﻋﻈﻤﺖ ﺗﻲ ﻧﺎﺯ ۽
    ﻓﺨﺮ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ.

    [​IMG]

    [​IMG]

    ﻣﺠﻠﺲ ﺳﻤﺎﻉ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺤﺒﺖ
    ﺟﻲ ڪﺸﺶ ﺟﻲ ﻭﺟﻪ ﺳﺎﻥ
    ﻣﺠﻠﺲ ﺳﻤﺎﻉ ۽ ﺭﺍڳ ﻭﻳﺮﺍڳ
    ﮐﻲ ﮔﻬڻو ﭘﺴﻨﺪ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻭﺍﺳﻄﻲ ﺍﻫﻞ ﻭﻻﻳﺖ
    ﺑﺰﺭﮔﻦ ﺟﺎ ﻣﻌﻨﻲٰ ﺳﺎﻥ ڀرﻳﻞ
    ﺳﺨﻦ ۽ ڳائڻ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻲ
    ﻣٺي ﺯﺑﺎﻥ ۽ ﺑﺎﺟﻦ ﺟﻲ
    ﺁﻭﺍﺯ ﮐﻲ ٻُڌي ڪﺮﻱ ﻣﺮﻍ نيم
    ﺑﺴﻤﻞ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺗڙﭘﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ
    ﭘﺎڻ ﺑﻪ ﺭﺍڳ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻮ ۽
    ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڳائڻ ۾ ﺣﻴﺮﺕ
    ﺍﻧﮕﻴﺰ ﺍﺛﺮ ﻫﻮ ﺟﻮ ٻُڌڻ ﻭﺍﺭﺍ
    ﻣﺴﺖ ٿي ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ
    ﻫﻢ ﺻﺤﺒﺖ ﭘﻴﺮ ڀائي ﻫﺮ
    ﻭﻗﺖ ﺭﺍڳ ﮐﻲ ﮔﺮﻡ ﺭﮐﻨﺪﺍ
    ﻫﺌﺎ. ﭘﺎڻ ﻣﺠﻠﺲ ﺳﻤﺎﻉ ﮐﻲ
    ﻋﺒﺎﺩﺕ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺟﻬڙﻭ
    ﺑﺰﺭﮔﻦ ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ ﺟﻮ
    ﻃﺮﻳﻘﻮ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ﺳﻤﺎﻉ ﺟﻲ
    ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺯﺍﺭﻭﻗﻄﺎﺭ ﺍﮐﻴﻦ
    ﻣﺎﻥ ﻧﻴﺮ ﻭﻫﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ﻋﺒﺎﺩﺕ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻋﺎﺩﺕ
    ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻗﻠﺖ ﻣﻨﺎﻡ ﻳﻌﻨﻲٰ
    ٿوﺭﻱ ﻧﻨڊ،ٿوﺭﻭ ڳاﻟﻬﺎﺋڻ
    ۽ ﮔﻬڻر ﮐﺎﻥ گهڻو ﻭﻗﺖ
    ﻋﺒﺎﺩﺕ ﺍﻻﻫﻲ ۾ ﺻﺮﻑ ڪﺮڻ
    ﻃﺮﻑ ﻣﺎﺋﻞ ﻫُﺌﻲ. ﭘﺎڻ ﺷﺮﻉ
    ﺷﺮﻳﻌﺖ جا ﭘﺎﺑﻨﺪ ﻫﺌﺎ.
    ﭘﺎڻ ﺭﻭﺯﻭ ، ﻧﻤﺎﺯ ۽ ﺗﻼﻭﺕ
    ﻗﺮﺁﻥ ﭘﺎڪ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﮔﻲ ﺳﺎﻥ
    ﺍﺩﺍ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺳﻨﺖ ﻧﺒﻮﻱ ﺟﺎ
    ﺳﺨﺖ ﭘﺎﺑﻨﺪ ﻫﺌﺎ ۽ ﭘﺎڻ ﺳﺎﻥ
    ﮔڏ ﻋﺼﺎ، ﺗﺴﺒﻴﺢ، ڪﻮﺋﻨﺮﻭ،
    ﻣﺼﻠﻮ، ڏﻧﺪڻ، ﺳﺮﻣﻮﻥ ۽ڦڻي ﺳﺎڻ ﺭﮐﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ﻋﺎﻡ ﺣﺎﻻﺕ
    ﺟڏﻫﻦ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺧﺎﻧﻘﺎﻩ
    ﻣﺒﺎﺭڪ ﮐﺎﻥ ﻓﻴﺾ ﻭٺي
    ڪﺮﻱ ﻭﺍﭘﺲ ﻭﻃﻦ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ
    ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﺰﻳﺰﻥ ﺳﺎﻥ ﺭﻫڻ
    لڳو. ﻣﮕﺮ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ
    ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺭﺷﺘﻴﺪﺍﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﻧﻪ
    ﻟڳي ۽ ﺳﻨﺪﻥ ﺩﻝ ﮐﻲ ﻗﺮﺍﺭ
    ﻧﻪ ﺁﻳﻮ. ﺑﺤﺎﻟﺖ ﻣﺠﺒﻮﺭﻱ ﺟﺪﺍ
    ٿي ڪﺮﻱ ڳوٺ ﻋﺎﻟﻤﺎڻن ۾
    ﭘﻴﺮ ڀائي ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ﺳﺎﻥ
    ﮔڏ ﺭﻫڻ لڳا. ڪﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ
    ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ﻟﻮﻫﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﭘﻴﺮ
    ڀائي ڀائن ﺟﻲ ﻣﺤﺒﺖ ﺳﺎﻥ
    ﻟﻮﻫﻲ ۾ ٽڪﺎڻو ڪﻴﺎﺋﻮﻥ.
    ﺍﻧﻬﻦ ﭘﻴﺮ ڀائين ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﮔﻬڻي
    ﺩﻟﺪﺍﺭﻱ ڪﺌﻲ. ۽ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ
    ﺍﻧﻬﻦ ﻭٽ ﮔﻬﺮ ﺟي ڀاﺗﻴﻦ
    ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺍﺗﻲ
    ﺭﻫﻨﺪﻱ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺭﺍﺕ
    ﺟﻮ ﮔﻬڻو ﺑﻴﺪﺍﺭ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ
    ۽ ﻣﺨﻔﻲ ﻋﺒﺎﺩﺕ ۾ ﻣﺸﻐﻮﻝ
    ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻫڪڙﻱ ڏﻳﻨﻬﻦ
    ﻫڪ ڪﻮﺭﻱ ۽ ﻻﺷﺎﺭﻱ ﮐﻲ
    ﺑﺪﮔﻤﺎﻧﻲ ٿي ﭘﺌﻲ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ
    ڪﺮﻱ ﻫﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺭﺍﺕ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﭘٺيان ڳجهي
    ﻃﺮﺡ ﺳﺎﻥ ﺧﺒﺮ ﻟﻬڻ ﻟڳﺎ. ﻫڪ
    ﺭﺍﺕ ﺍﻭﭼﺘﻮڇا ڏسن ﺗﻪ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻫڪ ﻭڻ
    ھيٺيان ﭼﺌﻦ ﻳﺎﺭﻥ ﺳﺎﻥ
    ﻣﺤﻮ ﮔﻔﺘﮕﻮ ﺁﻫﻦ. ﺍﻫڙﻭ
    ﺗﻤﺎﺷﻮ ڏﺳﻲ ڪﺮﻱ ﺍﻧﻬﻦ
    ﻣﺎﻥ ﻫڪڙﻭ ﺑﻴﻬﻮﺵ ٿي
    ڪﺮﻱ ڪِﺮﻱ ﭘﻴﻮ ۽ ٻي ﮐﻲ
    ﺗﻪ ڪﺎ ﺷﺌﻲ ڏﺳﺠڻ۾ ﺋﻲ ﻧﻪ
    ﭘﻲ ﺁﺋﻲ. ﺟڏﻫﻦ ﺑﻴﻬﻮﺷﻲ
    ﻭﺍﺭﻱ ﮐﻲ ﻫﻮﺵ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ
    ﺗﻨﻬﻦ ﺳﺎﺭﻱ ﺣﻘﻴﻘﺖ ڪﺮﻱٻُڌائي ﺗڏﻫﻦ ٻنهي ﻭڃي
    ڪﺮﻱ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﻗﺪﻡ ﺑﻮﺳﻲ
    ڪﺌﻲ. ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﺮڪﺖ ﺟﻮ
    ﺳﻤﻮﺭﻭ ﺍﺣﻮﺍﻝ ڪﺮي ٻُڌاﻳﺎﺋﻮﻥ.
    ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﮐﻲ ﻋﺮﺽ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ
    ﺗﻪ ﻫﻮ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻌﺎﻑ ڪﺮﻱ
    ۽ ﻫﻮ پڻ ﺍﻫڙﻱ ڪﻢ ﮐﺎﻥ
    ﺗﻮﺑﻪ ﺗﺎﺋﺐ ٿين ﭘﻴﺎ. ﺟﻨﻬﻦ
    ﺗﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﻫُﻨﻦ ﮐﻲ ﻣﻌﺎﻑ
    ڪﻴﻮ.
    ﺍﻥ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺑﻌﺪ ﺍُﺗﺎﻥ ﺟﻲ
    ﻣﺎڻھن ﮐﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ
    ﺟﻦ ﻗﺪﺭ ﻭ ﻣﻨﺰﻟﺖ ﺟﻲ ﭘﺮﻭڙ
    ﭘﺌﻲ ۽ ﻣﺎڻھو ﺟﻮڪ ﺩﺭ ﺟﻮڪ
    ﺍﭼڻ لڳا. ﺍﻟﻠﻪ ﺗﻌﺎﻟﻲٰ ﺟﻮ ﻭﺭﻱ
    ﺍﻫڙﻭ ڪﺮﻡ ٿيو ﺟﻮ ﻓﻘﻴﺮ
    جي ﺁﺳﺘﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻟﻨﮕﺮ ﺑﻪ
    ﺟﺎﺭﻱ ٿيڻ ﺷﺮﻭﻉ ٿيو. ﺍﻥ
    ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺍﺭﺍﺩﻭ
    ڪﻴﻮ ﺗﻪ ﻫڪ ﺍلڳ ﺁﺳﺘﺎﻧﻮ
    ﺑﻨﺎﺋﺠﻲ. ﺗڏﻫﻦ ﭘﻴﺮڀائين
    ﻭﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ ٻن
    ﻓﺮﻻﻧﮕﻦ ﺟﻲ ﻣﻔﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ
    ﻣڪﺎﻥ ﺑﻨﺎﻳﺎﺋﻮﻥ ۽ ﺍُﺗﻲ ﺭﻫڻ
    ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ. ﻫڪ ﮐﻮﻫﻲ
    ﭘﺎڻي ﻻﺀِ ﮐﻮٽﺎﻳﺎﺋﻮﻥ ﺗﻪ
    ﺟﻴﺌﻦ ﻫﺮ ﺍﻳﻨﺪڙ ﻭﻳﻨﺪڙ ﮐﻲ
    ﭘﺎڻي ﺟﻲ ڪﺎ ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻲ ﻧﻪ
    ٿئي. ﺍُﻫﻮ ﻣڪﺎﻥ ۽ ﮐﻮﻫﻲ
    ﺍڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻬﺮﻳﻞ ﺣﺎﻟﺖ ۾
    ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ. ڪﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ
    ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﻣﺎﻥ ﻭﺻﺎﻝ
    ﻓﺮﻣﺎﺋﻲ ﻭﻳﺎ. ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﺍﻥ
    جڳھ ﺗﺎﻥ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻮ ﻣﺰﻭ
    ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ. ﺩﻝ ﮐﻲ
    ﺗﺴڪﻴﻦ ۽ ﻗﺮﺍﺭ ﻧﻪ ﺁﻳﻮ.
    ﺑﺤﺎﻟﺖ ﻣﺠﺒﻮﺭﻱ ﻭﺭﻱ
    ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ﺟﻲ محبت ﺳﺎﻥ
    ﻣﻮٽﻲ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ﻭٽ ﺁﻳﻮ.
    ﺍُﺗﻲ ﺑﻪ ﻓﻘﻴﺮ ﻭٽ ﭘﺮﻱ ﭘﺮﻱ
    ﺟﺎ ﻣﺎڻھو ﺯﻳﺎﺭﺕ ۽ ﺩﻋﺎ
    ﻭﺍﺳﻄﻲ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ﻫڪ ﭘﻨﺠﺎﺏ ﺟﻮ ﺳﻴّﺪ ﻧﺎﻟﻲ
    ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺯﻳﺎﺭﺕ ڪﺮڻ
    ﺟﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﺁﻳﻮ ﭘﻮﺀِ ﻫﻤﻴﺸﻪ
    ﻻﺀِ ﺍُﺗﻲ ﺋﻲ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻮ ۽
    ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ﺑﺎﻗﻲ ﻭﺭﻫﻴﻪ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ ۾
    ﮔﺬﺍﺭﻳﺎ. ﻓﻘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ
    ﺟﻮ ﻭﺻﺎﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀي
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ۾ ٿيو.
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀي ﺟﻦ ﺟﻮ ﺍﺭﺷﺎﺩ
    ﻫﻮ ﺗﻪ پيرﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ
    ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﻭﺿﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺍﻭﻟﻬﻪ
    ﻃﺮف ﮐﺎﻥ جڳھ ڏﺟﻮ.
    ﺑﻤﻮﺟﺐ ﻓﺮﻣﺎﻥ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ
    جي تي پير محمد شاه کي ﺭﻭﺿﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺩﻓﻦ ڪﻴﻮ
    ﻭﻳﻮ. پير محمد شاه جي
    ﻣﺰﺍﺭ ﺑﻪ ﺭﻭﺿﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺁﻫﻲ. ﺳﻮڀي
    ﻓﻘﻴﺮ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ۾ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين
    ﭘﻴﺮ ڀاﺋﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ
    ﻣﺸﺘﺮڪﻪ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﺯﻣﻴﻦ
    ﺧﺮﻳﺪ ڪﺌﻲ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ﭘﻴرڀائين ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﺌﻲ. ﺍﺗﻲ
    ﻫڪ ﮐﻮﻫﻪ ۽ ﻫڪ ﻣڪﺎﻥ ﺑﻪ
    ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﻳﺎﺋﻮﻥ. ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺍﺭﺍﺩﻭ ڪﻴﻮ ﺗﻪ
    ﻣﺴﺠﺪ ۽ ﻣﻨﺒﺮ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ
    ڪﺠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻﺀِ ﺳﺮﻭﻥ ﮔڏ
    ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ ۽ ﺭﻭﺿﻲ ﺟﻮ
    ﺑﻨﻴﺎﺩ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫٿن ﺳﺎﻥ
    شروع ڪيائون. ماڻھو جي قد کان زياده ﺩﻳﻮﺍﺭ ﭘﺌﻲ ٺاهي ﻭﺋﻲ ﺗﻪ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻣﻮﺕ ﺟﻲ
    ﺁﻭﺍﺯ ﮐﻲ ﻟﺒﻴڪ ﭼﺌﻲ ﻭﺻﺎﻝ
    ﺟﻮ ﺟﺎﻡ ﭘﻴﺘﺎﺋﻮﻥ. ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮﺭﻱ ﻋﻤﺮ
    ۾ ﺷﺎﺩﻱ ﻧﻪ ڪﺌﻲ. ﺑﻨﺎ ﺍﻭﻻﺩ
    ﺟﻲ ﺋﻲ ﺭﻫﻴﺎ. ﭘﺎڻ ﻋﺠﺐ ﻣﺮﺩ
    ﺁﺯﺍﺩ ﻫﺌﺎ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ۾
    ﻣﺎﺋٽﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪﻭ ﻫﻴﻮ ﺗﻪ
    ﻣﻮﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺭﻫﻮ ۽
    ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺎﺩﻱ سنڀاليو ﻣﮕﺮ
    ﻫﻮ ﺍﻥ ﻓﻘﻴﺮﻱ ﺟﻲ ﻣﺰﻱ
    ﮐﺎﻥ ﺁﺟﺎ ﻫﺌﺎ. ﺗﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﺍُﻧﻬﻦ
    ﻣﺎﻥ ڪﻮﺑﻪ ﻓﻘﻴﺮ ڏﻱ ﻟڙﻱ
    ڪﻮﻧﻪ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ
    ﻓﻴﺾ ﻭﺍﺭﻱ ﺳﻠﺴﻠﻲ ﮐﻲ
    ﻗﺎﺋﻢ ﺭﮐﺠﻲ. ﺷﺎﻳﺪ ﺍﻧﻬﻦ ۾
    ﺍِﻫﻮ ﺑﺎﺭ کڻڻ ﺟﻲ ﺳﮕﻬﻪ
    ڪﻮﻧﻪ ﻫﺌﻲ. ﻭﺍﻟﻠﻪ ﺍﻋﻠﻢ
    ﺑﺎﻟﺜﻮﺍﺏ. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ
    ﺟﻲ ﻭﺻﺎﻝ ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ
    ﺟﻦ ﺟﻲ ﻣلڪﻴﺖ ﻋﺎلماڻي
    ﻓﻘﻴﺮ ﻟﻌﻞ ﺧﺎﻥ ﻭٽ ﺭﻫﻲ.
    ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﻗﺎﺩﮔﻲ ﺳﺎﻥ ﻧﻨﮕﺮ ۽
    ﻋﺮﺱ ﻣﺒﺎﺭڪ ﺟﻮ ﺍﻧﺘﻈﺎﻡ
    ڪﻴﻮ.
    ﺍﺧﻼﻕ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺧﻮﺵ ﺧﻠﻖ،
    ﻧﻴڪ ﺧﻮﺀِ ۽ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻧﺮﻡ
    ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﺎ ﻣﺎﻟڪ ﻫﺌﺎ. ﻭڏﻥ
    ﺟﻲ ﻋﺰﺕ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ۽ ننڍﻥ
    ﺗﻲ ﺷﻔﻘﺖ ﻓﺮﻣﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ۽ ﻫﻤﻨﺸﻴﻨﻦ ﮐﻲ
    ﻋﺰﻳﺰ ڪﺮﻱ ڀاﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺳڀ
    ﺳﺎﻥ ﺩﻟﺠﻮﺋﻲ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻫﺮ
    ﻫڪ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﮐﻲ ﻧﻴڪ ﻧﻈﺮ
    ﺳﺎﻥ ڏﺳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻏﺮﻳﺐ
    ﺑﻴڪﺴﻦ ﺗﻲ ﺭﺣﻢ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ﭘﺎڻ ﺳﺎﺩﮔﻲ ﺟﻮ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ
    ﻧﻤﻮﻧﻮ ﻫﺌﺎ. ﺳﻴّﺪﻥ ۽
    ﺩﺭﻭﻳﺸﻦ ﮐﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﻋﺰﺕ ﺟﻲ
    ﻧﮕﺎﻫﻪ ﺳﺎﻥ ڏﺳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﺎڻ
    ﻏﺮﻳﺒﻨﻮﺍﺯ ۽ ﻣﻬﻤﺎﻥ ﻧﻮﺍﺯ
    بي ﺣﺪ ﺩﺭﺟﻲ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ.
    ﺍﺭﺷﺎﺩ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻋﺸﻖ ﺟﻲ ﺩﺭﻳﺎ
    ۾ ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﻟﻄﻒ ﻭﺭﺗﻮ ﺟﻮ
    ڪﻮﺋﻲ ﺍﻫﻞ ﺭﺍﺯ ﺋﻲ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺟﻲ ﻣﻨﺰﻟﺖ ﮐﻲ ﭘﺮﻭڙﻱ
    ﺳﮕﻬﻲ ٿو. ﻫڪ ﺩﻓﻌﻲ
    ﺧﻮﺍﺟﻪ ﺳﻠﻄﺎﻥ ﺍﺣﻤﺪ ﺍﻟﺪﻳﻦ
    ﺻﺎﺣﺐ ﻋﺎﻡ ﻣﺠﻠﺲ ۾
    ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﻮڀي ﺟﻴﺘﺮﻱ ﻣﺪﺍﺭﺝ ﻭﺍﺭو
    ڪﻮ ﻓﻘﻴﺮ سنڌ ۾ ڪﻮﻧﻬﻲ.
    ﭘﺎڻ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﻮڀو ﺍﻥ
    ﺑﺎﺑﺖ ﭼﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺍﻫﻲ ﺭﺍﺯ
    ﺟﻮﻥ ڳاﻟﻬﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ
    ﮐﻲ ڪﻮ ﻓﻘﻴﺮ ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ
    ﺳﮕﻬﻲٿو. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀو
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﮔﻬڻو ڪﺮﻱ
    ﺧﺎﻣﻮﺷﻲ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ
    ﭘﺎڻ ﺟﻴڪﻮ ﺑﻪ ﺍﻇﻬﺎﺭ
    ڪﻴﺎﺋﻮﻥ ﺳﻮ ﺷﻌﺮﻥ ﺫﺭﻳﻌﻲ
    ڪﻴﺎﺋﻮﻥ.
    ﻭﻓﺎﺕ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ﺟﻲ
    ڳوٺ۾ لڳ ڀڳ 90 ﻭﺭﻫﻴﻦ
    ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ۾ ﺗﺎﺭﻳﺦ 21 ﺫﻭﺍﻟﻘﻌﺪ
    132ٰ5 ﻫﺠﺮﻱ ۾ ﺩﺍﺭﺍﻟﺒﻘﺎ
    ﻃﺮﻑ ﺭﻭﺍﻧﻪ ٿيا. ﺍِﻧّﺎَ ﺍﻟﻠﻪ ﻭَ
    ﺍِﻧّﺎﺍﻟﻴﻪ ﺭﺍﺟﻌﻮﻥ.
    ﺍﻧﻬﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺗﻲ ﻫﺮ ﺳﺎﻝ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻮ ﻋﺮﺱ
    ﻣﺒﺎﺭڪ ﻣﻨﻌﻘﺪ ٿيندو ﺁﻫﻲ.
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻤﺮ ۾
    ﺣﻀﺮﺕ ﭘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ
    ﻋﻠﻴﻪ ﺭﺣﻤﺘﻪ ﺟﻮ ﻋﺮﺱ
    ﻣﺒﺎﺭڪ 21 ﺟﻤﺎﺩﺍﻻﻭﻝ ﺗﻲ
    ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ
    ﻭﺻﺎﻝ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ﻋﺮﺱ
    ﻣﺒﺎﺭڪ ﺍڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ
    ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ
    ﺟﻦ ﺟﻮ ﺭﻭﺿﻮ ﻣﺒﺎﺭڪ ڳوٺ
    ﻋﺎﻟﻤﺎڻي ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ
    ﻣﺎٿيلو، سنڌ ۾ ﺁﻫﻲ.
    ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﮐﺎﻥ ڳوٺﻋﺎﻟﻤﺎڻي 16
    ﻣﻴﻠﻦ ﺟﻮ ﻣﻔﺎﺻﻠﻮ ﺁﻫﻲ. ﺍُﺗﻲ
    ﭘﻬﭽڻ ﻻﺀِ ﺳﻮﺍﺭﻱ ﺟﻲ
    ﺳﻬﻮﻟﺖ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ.
    ﻭﻓﺎﺕ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺟﻮ ﺍﺣﻮﺍﻝ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﻭﺻﺎﻝ ﮐﺎﻥ
    ﺑﻌﺪ ﺭﻭﺿﻲ ۽ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ڪﻢ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﭘﻴﺮ ڀاﺋﻴﻦ
    ڪﺮﺍﻳﻮ ۽ ﻫڪ ﻣڪﺎﻥ
    ﻣﺴﺎﻓﺮﻥ ﻭﺍﺳﻄﻲ ٺاﻫﻴﻮ
    ﻭﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺁﺭﺍﻡ
    ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺭﻭﺿﻲ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ
    ٻه ﻣﺰﺍﺭﻭﻥ ﺁﻫﻦ. ﺍﻭڀر
    ﻃﺮﻑ ﺣﻀﺮﺕ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀي
    ۽ ﺍﻭﻟﻬﻪ ﻃﺮﻑ ﻓﻘﻴﺮ ﭘﻴﺮ
    ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺁﺭﺍﻣﻲ ﺁﻫﻦ.
    ﻣﺮﺩ ﻧﻪ ﻣﺮﻥ ڪڏﻫﻦ ڪﻮﭘﺎ
    ﻫﻦ ﻗﺎﺋﻢ )ﺑﻴﺪﻝ ﺳﺎﺋﻴﻦ(
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﺟﺎﺀِ ﺩﺍﺩ
    ﻋﺎﻟﻤﺎڻين پير ڀائين ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾
    ﺁﻫﻲ. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ جي
    ﻋﺮﺱ ﺟﻮ ﺳﻤﻮﺭﻭ ﺧﺮﭺ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﺟﺎﺋﺪﺍﺩ ﺟﻲ ﺁﻣﺪﻧﻲ
    ﻣﺎﻥ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ.
    ﺁﺩﺍﺏ
    ﻫﺮ ﺳﺎﻝ ﻋﺮﺱ ﺗﻲ ﻣﺮﺷﺪ
    ﺟﻲ ﻋﺮﺱ ﻣﺒﺎﺭڪ ﺗﻲ ﭘﻴﺮﻳﻦ
    ﭘﻴﺎﺩﻭ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ
    ﺧﺎﻧﻘﺎﻩ ﮐﻲ ﺍﻳﺌﻦ ڪﺮﻱ
    ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ﺟﻬڙﻭڪ
    ﻣﺎڻھو ﻣڪﻲ ۽ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ
    ﺯﻳﺎﺭﺕ ﮐﻲ ڪﺮﻱ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍ
    ﺁﻫﻦ. ﺟڏﻫﻦ ﺑﻪ ﻣﺮﺷﺪ
    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﺑﺎﺭ ۾
    ﭘﻬﭽﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﭘﻴﺮﻳﻦ
    ﺍﮔﻬﺎڙﻭ ٿي ڪﺮﻱ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ ﻣﺠﻠﺲ ﮐﻲ ﺧﺪﺍ
    ﺟﻲ ﻣﺠﻠﺲ ڪﺮﻱ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍ
    ﻫﺌﺎ.
    ﺣﺪﻳﺚ ﺷﺮﻳﻒ: ﻭَﻣَﻦ ﺍَﺭَﺩَ ﺍَﻥ
    ﻳَّﺠﻠِﺲَ ﻣَﻊَ ﺍﻟﻠﻪ ﻓَﻞ ﻳَﺠﻠِﺲ
    ﻣَﻊَ ﺍﻟﻔُﻘَﺮﺍﺀ
    سڀ صاحبان ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ
    ﮐﻲ ﭘﻴﺮ ڪﺮﻱ
    ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺍڪﺜﺮ ڪﺮﻱ
    ٽﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﻭڌﻳڪ
    ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ ﺧﺎﻧﻘﺎﻩ ﺗﻲ ﻧﻪ
    ﺗﺮﺳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺑﺎﺍﺩﺏ
    ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.
    ﻋﺸﻖ ﻣﺠﺎﺯ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀو ننڍي ﻋﻤﺮ ۾
    ﻋﺸﻖ ﻣﺠﺎﺯ ﺟﻮ ﺷڪﺎﺭ ٿيو.
    ڪﻨﻬﻦ ﻧﻪ ڪﻨﻬﻦ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ
    ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ﺟﺎ ﺗﻴﺮ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ
    ﺩﻝ ﺗﻲ ﮔﻬﺎﻭَ ڪﺮﻱ ﻭڌا.
    ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ
    ﺟﻮ گهڻو ﺣﺼﻮ ﻣﺠﺎﺯﻱ
    ﻣﺤﺒﻮﺏ ﺟﻲ ﻧﺎﺯ ﺑﺮﺩﺍﺭﻱ ۾
    ﮔﺬﺭﻳﻮ.ڇو ﺟﻮ ﻋﺸﻖ ﻣﺠﺎﺯ
    ﺟﻮ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﺍﻫڙﻭ ﺣﻴﺮﺕ
    ﺍﻧﮕﻴﺰ ۽ ﭘﺮﺟﻮﺵ ﻣﻨﺰﻝ
    ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺻﺤﻲ
    ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ڪﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻌﻠﻮﻡ ﻧﻪ
    ﺁﻫﻲ.ڇو ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﻧﺎﭘﻴﺪ
    ڪﻨﺎﺭﻭ ۽ ﺑﻲ ﺍﻧﺖ ﺑﺤﺮ ﺁﻫﻲ.
    ﺟﻴڪﻮ ﺍﻥ ﺣﺎﻟﺖ ﻣﺎﻥ ﮔﺬﺭﻱ
    ﺗﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ سڌ
    ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ. ﻋﺮﺑﻲ ۾
    ﻣﻘﻮﻟﻮ ﺁﻫﻲ، ”ﺍﻟﻤﺠﺎﺯ
    ﻗﻨﻄﺮﺗﻪ ﺍﻟﺤﻘﻴﻘﺖ) “ﻳﻌﻨﻲٰ
    ﻣﺠﺎﺯ ﺣﻘﻴﻘﺖ ڏﻱ ﻭٺي
    ﻭﻳﻨﺪڙ ﻫڪ ﭘﻞ ﺟﻮ ڪﻢ
    ڏﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ(. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ
    ﺳﺎﻟڪ، ڪﺎﻣﻞ، ﺷﺎﺋﻖ
    ﺷﺮﻳﻌﺖ، ﻃﺎﺋﺮ ﻃﺮﻳﻘﺖ،
    ﻫﻤﺪﺭﺩ ﺣﻘﻴﻘﺖ، ﻣﻌﺮﻓﺖ ﺟﻮ
    ﺧﺰﺍﻧﻮ، ﮔﻨﺠﻴﻨﻪ ﻋﺮﻓﺎﻥ ۽
    ﻣﺠﺎﺯﻱ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻮ ﺩﺭﻳﺎ ﻫﻮ.
    ﭘﺎڻ ﻣﺠﺎﺯﻱ ﻣﺤﺒﻮﺏ ﺟﻲ
    ﺗﻌﺮﻳﻒ ۾ ﻓﺮﻣﺎﺋﻦ ٿا ﺗﻪ:
    ”ﺳﻮڀاﺳﻤﺠﻬﻪ ﺻﻮﺭﺕ
    ﺳﺠﻦ ڪﻲ ﺳﺒﺤﺎﻧﻲ، ڦر ﻟﻮ
    ﺧﻮﺏ ﺧﺮﻗﻮ ﺗﺠﻠﻮ ﻧﻮﺭﺍﻧﻲ“
    ”ڪﻨﮕڻﻫﻲ ﻋﺎﻟﻤﺎڻي، ﺳڙﻥ
    ﭘﻴﺎ نناڻي، ﻣﺪﺩ ﺷﺎﻫﻪ
    ﺟﻴﻼﻧﻲ،
    ﻣﺌﻴﻦ ﺩﻡ ﺩﻡ ﺳڏﻳﺴﺎﻥ
    ڪﻨﮕڻ ﻣﻮﺗﻲ ﺩﺍڻا، ﻣﻮﻻ ﭘﺎڪ
    ڄاڻان، ﺳﻮڀل ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺩﺍ
    ﻣﺎڻا، ﻣﺌﻴﻦ ﻣﻮﺟﺎﻥ
    ﻣڻيسان“.
    ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ
    ﻧﻈﺎﺭﻭ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڳوٺ۾
    ﺭﮐﻴﻮ. ﺟﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﻫﻤﻴﺸﻪ
    ﻣﺴﺘﺎﻧﻮ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﻫﻮ. ﺷﻌﺮﻥ
    ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺑﻪ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻭﻫﻲ
    ﮐﺎﻥ ﺟﺎﺭﻱ ٿيو. ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ
    ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ۾ ﻧﻈﺎﺭﻭ ٿيو.
    ﺍُﺗﻲ ﭘﺎڻ ﻣﻼ ﺣﻠﻴﻢ ﺳﺎﻥ ﮔڏ
    ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﻮﺀِ ﻟﻮﻫﻲ ﻭﺍﺭﻱ
    ﻭﺳﺘﻲ ۾ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ڪﻮﺭﻱ
    ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺍُﺗﻲ ﻫڪ
    ﻣﺎﺋﻲ ﺻﺎﺣﺒﻪ ﻧﻴڪ ﻧﻴﺖ ﻭڏﻱ
    ﻣﺤﺒﺖ ﺭﮐڻ ﻭﺍﺭﻱ ﺭﻫﻨﺪﻱ
    ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺻﺎﺣﺐ ﺍُﺗﻲ ﺭﻫڻ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ
    ڪﻴﻮ ۽ ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ ﺍﺗﻲ ﺍﻥ
    ﺟﻲ ﻣﺤﺒﺖ ۾ ﮔﻬﺎﺭﻳﺎﺋﻮﻥ.
    ﻣﮕﺮ ﻗﻀﺎ ﺍﻻﻫﻲ ﺟﻮ ﻣﺎﺋﻲ
    ﺻﺎﺣﺒﻪ ۽ ٻيا ﻣﺤﺒﺖ ﻭﺍﺭﺍ
    ﺩﻧﻴﺎ ﻓﺎﻧﻲ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﻫڪ ڪﺮﻱ
    ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻭﻳﺎ.
    ﭘﻮﺀِ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺍُﺗﺎﻥ
    ﻭﺍﭘﺲ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ۾ ﺍﭼﻲ
    ﺭﻫڻ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻴﻮ ۽ ﻣﻼ
    ﺣﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﻣﺤﺒﺖ ۾ ﺑﺎﻗﻲ ﺩﻡ
    ﺣﻴﺎﺗﻲ ﺟﻮ ﺳﺎڻس ﻭﻓﺎﺩﺍﺭﻱ
    ﺟﻮ ﺍُﺗﻲ ﮔﺬﺭﻳﻮ. ﺟﻮ ﺍڄ ﺑﻪ
    ﺍُﺗﻲ ﺭﻭﺿﻲ ﻣﺒﺎﺭڪ ﺟﻮ
    ﻧﺮﻭﺍﺭ ﻧﺸﺎﻥ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ.
    ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﻓﺎﺩﺍﺭﻱ ﺟﻮ
    ﺛﺒﻮﺕ ﻇﺎﻫﺮ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﭘﺎڻ
    ﺁﺭﺍﻡ ﭘﺬﻳﺮ ٿيا.

    ديوان “درد عشق “
    ڪلام حضرت سوڀا فقير لغاري اويسي سيلاني رحه

    اردو رسالو سهيڙيندڙ: فقير سعد الله لغاري رحه

    سنڌيڪار: ﻓﻘﻴﺮ ﺣﻘﻴﺮ
    ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ﺳﻮﻣﺮﻭ
    ﺳﺎڪﻦ ﺟﻬﺎﻥ ﭘﻮﺭ .
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
پنهنجو جواب لکو...
 

تصويرون شامل ڪريو

ڪمپيوٽر مان | ويب سائيٽ تان
تصوير کڻو
رڪن جيڪي هي موضوع ڏسي چڪا آهن:
  1. اي بي لغاري
  2.  
  3. عبدالغني لوهار

+

حضرت ميان محمد بخش اويسي سيلاني قدس سرهٗ





حضرت ميان محمد بخش اويسي سيلاني رحه 
-----------------------------------
پاڻ تقريباً1860ع ۾حضرت لال فقير رحه جي گهر پيدا ٿيا .سندس نالو محمد بخش رکيو ويو مگر پاڻ اڳتي هلي “الله واله فقير“ جي نالي سان مشھور ٿيا.پاڻ ننڍپڻ کان وٺي فقيري خيال ۾ رهندا هئا .ڪجھ عرصو ٻڪريون به چاريائون .آخر پاڻ درگاه حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني رح جي بزرگ سلطان الاوليا حضرت خواجه  سلطان احمد الدين اويسي رحه جي هٿ تي بيعت ڪري اويسي سيلاني سلسلي ۾ داخل ٿيا ۽ خرقه خلافت حاصل ڪري سڄي عمر  سفر ۾ گذاريائون .ڪئي راه حق جا پانڌيئڙا سندن هٿ مبارڪ تي بيعت ڪري  سندس حلقه  ۾ شامل ٿيا.پاڻ اسان جي علائقي ۾ ايندا هئا .راقم الحروف جو نانو فقير نور محمد لغاري رحه سندن  طالب هو .
پاڻ شريعت جا پابند هئا  .پاڻ راڳ ويراڳ به ٻڌندا هئا .اسان جي لغاري فقيرن ۾ فقير غلام رسول لغاري مرحوم سٺو ويراڳي هو هڪ دفعي  محفل ٿي جنهن ۾ حضرت ميان محمد بخش اويسي رحه پڻ شامل هو .فقير غلام رسول سچل سرمست رحه جي هي ڪافي  محفل ۾ ڳائي .
“سڻ بات برھ دي ڪيهي ايهي عجب جيهي “پاڻ جيئن اها ڪافي ٻڌائون ته جذب ۽ مستي جي ڪيفيت مٿن وارد ٿي ۽ ٽي دفعا لڳاتار اها ڪافي ٻڌائون .
سندن ڪافي ڪرامتون مشھور آهن
هڪ دفعي جي ڳالھ آھي ته  لنگر خاني ۾  خوردو نوش جو سامان نه  ھو ۽ فقير صاحب وٽ مهمان به ڪافي موجود هئا . پاڻ جيئن ئي فقير ن سان گڏ ويٺل هئا ته اوچتو مستي جي حالت ۾  پاڻ ٽي چار بالٽيون پاڻي جون آسمان طرف اڇلايائون .  جيئن شام ٿي ته هڪ فقير  اٽو ۽ ڪجھ سامان کڻي آيو ۽ فقير صاحب کي اچي ڏنائين  فقيرن لنگر تيار ڪيو ۽ سڀ  فقراء لنگر کائي ڍو ڪيو.
ڪنهن ان فقير کان پڇيو ته هي سامان توهان ڪٿان  آندو هو .ان فقير وراڻيو ته  ڪالھ منهنجي گهر کي باھ لڳي  باه ايترو ته زور سان لڳي جو اجهائڻ سان به نٿي اجهامي .اها حالت ڏسي مون فقير صاحب کي سڏ هنيو  ته خدا واسطي اسان جي مدد ڪريو .جيئن ئي مون فقير صاحب کي سڏ هنيا اوچتو باه اجهامي ويئي .ان کان پوءِ گهر وارن کي چيم ته اڄ جيڪو سامان رڌ پچاءُ جو گهر ۾ موجود آهي اهو پاڻ نه کائينداسين بلڪه فقير سائين  جي لنگر ۾ ڏيندا سين  جنهن جي برڪت سان اسان کي باه کان نجات ملي آهي ۽ گهر سڙڻ کان محفوظ رهيا آھن.
تنهن کانپوءِ فقيرن کي خبر پئي ته پاڻ پاڻي جون ڀريل  بالٽيون آسمان طرف ڇو ٿي اڇلايون.
مشھور صوفي بزرگ سيد انور شاه جهانپور وارو به فقير صاحب جو همعصر هيو . هڪ دفعي  پاڻ سائين انور علي شاه  جهانپور  واري وٽ ويا انهي مهل پاڻ ڏٺائون  ته سائين انورعلي  شاه ڪعبي طرف پير ڪري ستل آهن .پاڻ فرمايائون  شاه  صاحب ڪعبي   طرف پير ڇوڪيا اٿؤ . شاه صاحب وراڻيو  ته “فثم وجھ الله“ يعني جيڏانهن ڪيڏانهن  الله آهي  .پاڻ فرمايائون ته بيشڪ جيڏهن ڪيڏهن الله آهي .پر پنهنجي ناني سائين جي شريعت جو ادب ڪر .ائين چئي پير ڇڪي اوڀر طرف ڪرايائين .۽ شاه صاحب   فقير صاحب کان معافي گهري ته قبله  آئون انهي عقدي ۾ ڪئي سال ٿيا هئا  ڦاٿل هو س اڄ اوهان ڪرم نوازي ڪري ڪڍيو آهي  انهي واقعي کانپوءِ سائين انور  علي شاه رحه سندن تمام گهڻو ادب ڪندو هو .

پاڻ سادات جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا
سندن ڪافي سيد سڳورا  مريد به هئا.
هڪ دفعي هڪ سيد سڳوري سندن دعوت ڪئي پاڻ دعوت تي ويا .آخر ۾ ان سيد سڳوري کيس عرض ڪيو ته منهجي گهر به هلي دعا ڪيو پاڻ فرمايائون شاه صاحب پهريان منهنجي اکين تي ڪپڙي  جي پٽي ٻڌو انکانپوءِ هلندس آخر ڪار شاه صاحب سندن فرمان مطابق  ڪپڙي جي پٽي سندن اکين مبارڪن تي ٻَڌي ان کانپوءَِ پاڻ شاه صاحب جي گهر ويا  ۽ دعا ڪيائون.
سندس همعصر بزرگ شخصيتون:
حضرت خواجه صالح محمد اويسي  آستانه عاليه حضرت خواجه  عبدالخالق اويسي بهاولنگر.
مشھور صوفي شاعر حضرت خواجه غلام
 فريد ڪوريجه آف ڪوٽ مٺڻ شريف راجن پور وارو.
حضرت سيد انور شاه بخاري رحه  جهان پور  گهوٽڪي.
حضرت سوڀا فقير لغاري اويسي سيلاني خانپور مهر .
حضرت مولوي عبدالهادي شر رحه ڀريا سٽي
حضرت سيد  غلام نبي شاه  رحه خيرپور وارو 
حضرت سيد نور شاه رحه 
سندن همعصر ۽صحبتي بزرگ ٿي گذريا آهن .
سندن خليفه ته تمام گهڻا ٿي گذريا آھن 
مگر هت ڪجه مشھور خليفن جا نالا لکجن ٿا .
*حضرت ميان ڪمال فقير اويسي سيلاني رحه 
*حضرت حاجي گل محمد فقير لغاري اويسي سيلاني رحه سانگهڙ 
* حضرت ميان امير بخش اويسي سيلاني بلوچستان 
حضرت امين فقير لغاري اويسي سيلاني رحه ڏھرڪي گهوٽڪي سنڌ 
حضرت ميان خالد محمود اويسي سيلاني لاهور.
حضرت دائود فقير لغاري اويسي سيلاني رحه کپرو سانگهڙ سنڌ 
فقير داد محمد لغاري اويسي سيلاني سانگهڙ سنڌ. فقير نور محمد لغاري اويسي سيلاني رحه سانگهڙ سنڌ قابل ذڪر ٿي گذريا آھن.
پاڻ 3شعبان المعظم بمطابق 1991ع ۾ وصال فرمايائون سندس درگاه مبارڪ علي پور ضلع مظفر ڳڙھ پنجاب ۾ مرجع خلائق آھي.۽ هر سال شعبان مهيني جي 01 تاريخ کان 03 تاريخ تائين سندس عرس پاڪ ملهايو ويندو آھي.