سندن نالو عبدالله هو مگر پاڻ محڪم الدين
سيلاني / سيراني جي لقب سان مشهور ٿيا. ماڻهن ۾ پاڻ سيلاني بادشاه جي لقب سان مشهور آهن.
پاڻ اندازن 1137ہ بمطابق 1723ع ۾ پيدا ٿيا. سندن تعلق کرل قوم سان هو. کرل راجپوت گوگيره جي شاخ مان آھن
ٻارهن سالن جي عمر ۾ ابتدائي عربي تعليم مڪمل ڪيائون وڌيڪ تعليم پنهنجي مرشد پاڪ حضرت عبدالخالق اويسي کان حاصل ڪندا رهيا.حضرت عبدالخالق اويسي ساڻ گڏجي پاڻ دهلي ويا جتي حضرت خواجه فخر الدين عرف فخر جهان رحه جي درسگاه ۾ باقائده تعليم حاصل ڪندا رهيا.
.ساڻن گڏ حضرت خواجه نور محمد مهاروي رحه پڻ گڏ تعليم حاصل ڪندا رهيا.
بيعت :
حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني / سيراني جي بيعت سندن سوٽ حضرت خواجه عبدالخالق اويسي رحه سان هئي ۽ ننڍپڻ کان ديني معاملات ۾ کانئن هدايت حاصل ڪندا هئا. سندن مرشد پاڪ کيس جڏهن بيعت ڪيو ته کيس دعا ڪيائون ته منهنجي اولاد به توهان جي نالي جي برڪت سان سڃاتي ويندي. مرشد پاڪ کين چله لاءَ حضرت چاوله مشائخ رحه جي درگاه واقع تعلقه وضلع وهاڙي تي کين ويهڻ جو حڪم ڏنو. چلي دوران کيس آواز آيو ته زمين جي سير ڪر . جڏهن چاليھ ڏينهن پورا ٿيا ۽ چلو ختم ٿيو ته پاڻ پنهنجي مرشد پاڪ حضرت خواجه عبدالخالق اويسي رحه وٽ آيا .ته مرشد پاڪ پڻ کين فرمايو ته زمين جي سير ڪر.
پاڻ ڪئي حج پيدل ڪيائون . مرشد جي فرمان مطابق پاڻ سڄي عمر سير ڪيائون . دوران سفر هڪڙي رات کانسواءِ ڪنهن وٽ به نه ترسندا هيا. اگر ڪو مريد مجبور ڪندو ته ٻي رات ٻي ڪمري ۾ بسر ڪندا هئا.پاڻ فيضڏيڻ جي معاملي ۾ وڏا سخي هئا. ڪنهن کي خالي نه موٽائيندا هئا. ڪنهن ته سندن فيض مبارڪ کي باران رحمت جي وانگر ڪوٺيو آھي .
سندس خلفاءَ :
1- حضرت سرفراز خان رحه
2- شيخ محمد سليم ساماني رحه
3-حضرت ابو الفتح شاه رحه مو مبارڪ رحيم يار خان
4-حضرت عثمان نوري رحه
5 - حضرت شيخ محمد انوار صاحب
ملتاني رحه
6 -حضرت ميان الله داد گرماڻي رحه
7-حضرت ديوان محمد غوث رحه جلالپور پير واله.
8 -حضرت شيخ دوست محمد صاحب رحه جهانڳڙه
9 - حضرت قاري عبدالڪريم صاحب رحه
10-حضرت شيخ عبدالسلام جوڳي رحه
11- حضرت مولوي غلام محمد رحه ڪهروڙپڪا ملتان .
12 - حضرت ميان محمد صديق داجلي رحه
13 -حضرت ميان محمد وارث رحه
14-حضرت ميان محمد اعظم صاحب رحه
15- حضرت ميان محمد مقبول کوکر رحه
16-حضرت مهرو خان پرجاڻي رحه
17 -حضرت شيخ نٿو رحه
18- حضرت ميان ابو طالب رحه
19- ميان ڀٽو سنڌي رحه
20-حضرت طالب فقير هاليپوٽو رحه
21- حضرت ميان الله يار رحه
سندس همعصر بزرگ هستيون:
1-حضرت خواجه فخر الدين فخرجهان دهلوي رحه
2-حضرت نور محمد مهاروي رحه
3-حضرت شاه ولي الله محدث دهلوي رحه
4-حضرت شاه عبدالعزيز محدث دهلوي
5-حضرت خواجه سليمان تونسوي رحه
6-حضرت قاضي عاقل محمد ڪوٽ مٺڻ شريف.
7 - حضرت ملوڪ شاه غازي رحه بهاولپور.
8-حضرت بابا بلهي شاه قصوري رحه
9-حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه
10حضرت خواجه عبدالحق فاروقي رحه درازا شريف
حضرت پير محمد راشد روزي ڌڻي رحه .
خوراڪ: پاڻ سادو کاڌو کائيندا هئا .۽ مسور جي دال رغبت سان کائيندا هئا.
پاڻ ٿڌي پاڻي کي تمام گهڻو پسند فرمائيند هئا .اڪثر فرمائيندا هئا ته ٿڌي پاڻي پيئڻ سان شڪر الاهي جا ڪلمات زبان مان جاري ٿيندا آهن.
سواري لاءِ هڪ گهوڙو هو جنهن جو نالو توڪل هيو. ۽ هڪ اُٺ پڻ سواري لاءِ هو جنهن جو نالو درگاهي هو.
وصال: سندن وصال زهر خوردني سان ٿيو .پاڻ ڌوراجي ڪاٺياواڙ ( موجوده ضلع راجڪوٽ گجرات) هندستان ۾ فقراء جي دعوت تي ويل هئا .اتي هڪ مريد حافظ ڪوڪي کين رات واري کاڌي ۾ زهر ملائي ڏنو .5ربيع الثاني 1197هجري بمطابق 10 مارچ 1783ع سومر جي ڏينهن وصال فرمايائون.
رات جو کيس ڌوراجي ڪاٺياواڙ ۾ دفن ڪيو ويو. بعد ۾ سندس ورثا سندن جسد اطهر کي ڌوراجي ڪاٺياواڙ مان ڪڍي بخشي جي ڳوٺ موجوده خانقاه شريف ضلع بهاولپور ۾ دفن ڪيو ويو.
سندن ٻه مزارون آھن ھڪ ڌوراجي بندر ڪاٺياواڙ (موجوده ضلع راجڪوٽ گجرات انڊيا)۽ ٻي مزار خانقاه شريف ضلع بهاولپور آهي.
هر سال ٻنهي درگاهن تي ڌام ڌوم سان 3-4-5 ربيع الثاني تي عرس پاڪ ملهايو ويندو آهي.
سندس موجوده سجاده نشين حضرت ميان محمد صلاح الدين اويسي آھي .

No comments:
Post a Comment